اسلام آباد (بيورو رپورٽر)پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار تڪرار وڌائڻ وارن ڪمن کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.هن چيو ته علائقائي امن ۽ استحڪام جي مفاد ۾، ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي سڀني تڪرارن جو حل ڳولڻ ضروري آهي.پرڏيهي وزير چيو ته علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ صبر ۽ دانشمندي جي ضرورت آهي.هن وڌيڪ چيو ته سڀني ڌرين کي ڪنهن به اشتعال انگيز ڪارروائي کان پاسو ڪرڻ گهرجي.










