ڇوڪرين جي ابتدائي تعليم جي اهميت ۽ مسئلا

ڇوڪرين جي ابتدائي تعليم جي اهميت ۽ مسئلا

تحرير صالح ميمڻ

پراڻي چوڻي آهي ته “ مرد پڙهيو ته فرد پڙهيو، عورت پڙهي ته گهر پڙهيو ” سنڌ ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي اهميت، ضرورت  ۽ ان عمل ۾ رڪاوٽن ۽ مسئلن تي لکڻ کان اڳ سنڌ حڪومت طرفان هڪ اخباري اشتهار ذريعي ظاهر ڪيل انگن اکرن کي سامهون رکون ٿا، سرڪاري پڌرائي مطابق سنڌ جي ٻهراڙين واري آبادي مجموعي طور تي57 سيڪڙو اڻ پڙهيل آهي ٻهراڙين جون 78 سيڪڙو عورتون اڻ پڙهيل آهن، 77 سيڪڙو عورتن ڪڏهن به اسڪولن جو منهن ئي نه ڏٺو آهي، 5 کان 9 سالن جا ٻار جيڪي اسڪول نٿا وڃن اهي ڪل ٻارن جو 50 سيڪڙو حصو آهن، انهن ۾ 55 سيڪڙو ڇوڪريون شامل آھن، 33 سيڪڙو ٻارڙا پنجون پاس ڪرڻ کانپوءِ پڙهڻ ڇڏيو وڃن، پڙهڻ ڇڏي وڃڻ وارن ٻارڙن ۾ ڇوڪرين جو تعداد 90 سيڪڙو آهي، سرڪار جي پنهنجي چواڻي مطابق سنڌ ۾ خواندگي جي شرح 59 سيڪڙو آهي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته سنڌ ۾ سرڪار مطابق 41 سيڪڙو ماڻهو اڻ پڙهيل آهن، جڏهن ته 1973ع واري لاڳو آئين جي آرٽيڪل 37 بي مطابق ناخواندگي کي ختم ڪرڻ ۽ سيڪنڊري سطح تائين يعني ميٽرڪ تائين ٻارن کي مفت ۽ لازمي تعليم ڏيارڻ رياست جي ذميواري آهي، آئين مطابق اها ذميواري هر حڪومت جي آهي، جيڪڏهن ڪا حڪومت اها ذميواري پوري نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سمجهبو ته اها حڪومت آئين تي عمل نه ڪري رهي آهي ۽ نه ئي ڪرائي رهي آهي. اڄ کان هزارين سال اڳ افلاطون مردن ۽ عورتن جي هڪجهڙي تعليم جو حامي هو جڏهن ته ان جو شاگرد ارسطو عورتن جي تعليم جو سخت مخالف هو. قديم هندستاني سماج ۾ عورتن جي تعليم مردن جي تعليم کان وڌيڪ اهم سمجهي وئي. ان تاريخي حقيقتن جا پنهنجا پنهنجا پس منظر هئا. جڏهن ته هن نئين دوُر ۾ عورتن جي تعليم جي اهميت ان ڪري وڌيڪ اهي جو عورت هر انسان کي جنم ڏيندر ۽ ان کي پالي سنڀالي وڏو ڪرڻ سماج جو ڪارائيتو ڪردار بنائڻ جي لاءِ ذميوار آهي. پاڪستان ۾ هر سال ٻارن ۽ عورتن جو وڏو تعداد ويم دوُران فوت ٿيندو رهيو آهي، 3  سالن جا ٻارڙا به گهڻي تعداد ۾ مختلف بيمارين سبب خدا کي پيارا ٿي ويندا آهن، جنهن جو سبب غربت سان گڏ عورت جي ناخواندگي به آهي، تعليمي نفسيات مطابق هر ٻار جي بنيادي شخصيت جا هڙئي بنياد ان ٻار جي پهرين پنجن سالن واري شروعاتي عمر ۾ پون ٿا، ڇهين سال ۾ ٻار جي شخصيت جي انهن بنيادن تي تعمير شروع ٿئي ٿي. يعني حمل کان ڊليوري تائين ۽ ويم کان گهٽ ۾ گهٽ پنجن سالن جي عمر تائين هر ٻار کي جن جن احتياطن ۽ تربيتن جي گهرج هجي ٿي اهي سڀ جا سڀ معاملا جيڪڏهن اڻ پڙهيل مائرن جي نگراني ۾ اچي وڃن ته نسلن سان جيڪو ناحق ٿيندو اهو اسان پنهنجي نج سنڌي سماج ۾ به چڱي طرح ڏسي رهيا آهيون. سماج اندر شخصيتن ۾ موجود جذباتي عدم توازن، جنهن ۾ 3 اهم شيون ڪاوڙ (غيرت) ، محبت ۽ خوف نمايان شامل آهن تن جي سببن جا پس منظر اڻ پڙهي ماءُ ( عورت)  آهي، ڪو ٻيو نه ، ٻارن کي بيمارين وگهي موت کان اڳواٽ بچاءُ جو احتياط به پڙهي لکي ماءُ مهيا ڪري سگهي ٿي، مرد ڪيترو به پڙهيو لکيو هجي پر اهو پڙهي لکي ماءِ جي کاتي ۾ ايندڙ ٻارن جي تربيت ۽ نشونما واريون ذميواريون نڀائي نٿو سگهي، اهو ئي سبب آهي جو وڏن دانشورن، اسڪالرن، اديبن، شاعرن، سائنسدانن مان گهڻن جا اولاد اڻ پڙهيا ان ڪري رهجي ويا هئا ۽ آهن جو انهن جون مائون پڙهيل يا سگهڙ نه هيون. جنهن ڪري اهي پنهنجن ٻارن جي صحيح تربيت نه ڪري سگهيون هيون، عورت جي اڻ پڙهيل هجڻ ۽ رهڻ جي سڄي ذميواري مرد (پيءِ) جي کاتي ۾ اچي ٿي، سماج ڪهڙو به هجي، ان ۾ ڪهڙو به ماحول هجي، جيڪڏهن پيءُ پنهنجي نياڻي کي پاڻ پڙهائڻ چاهي ته انکي ڪو به ٻيو روڪي نه ٿو سگهي، بيشمار تجربن ۽ مشاهدن ثابت ڪيو آهي ته پيءُ جو پيري ۾ جيترو وڏو سهارو ڌي ثابت ٿي سگهي آهي، اوترو پٽ نه ٿيو آهي، پٽ پنهنجي گهر ۾ رهڻو آهي ۽ نياڻي پرائي گهر هلي وڃڻي آهي. اهي حقيقتون پنهنجي جاءِ تي پر پيءُ کي پيري ۾ جيڪا موٽ ڌي مهيا ڪري سگهي آهي اها موٽ پٽ مان توقع جي باوجود به نه ملي سگهي آھي، ان پس منظر ۾ به نياڻي جي تعليم جي وڏي اهميت آهي. هوءَ جيتري تعليمي يافته هوندي ان ۾ اوتري سجاڳي به هوندي، پنهنجن پيرن تي بيٺل هر پڙهيل ڪڙهيل نياڻي پنهنجي مڙس ۽ پيءُ جي اوتري وڏي حد تائين خيرخواه به ثابت ٿي سگهندي، سهارو به بڻجي سگھندي. اڄوڪن ڏينهن ۾ به سنڌ جون 78 سيڪڙو عورتون ڪڏهن به اسڪول نه وڃي سگهيون آهن ته ان ۾ سرڪار سان گڏ انهن عورتن جي پيرن ۽ ڀائرن جو قصور آهي، جيڪي ارسطو جي تعليمي نطريي مطابق نياڻين کي پاڻ ئي اڻ پڙهيل رکڻ گهرن ٿا، انهن کي اسڪولن ۾ داخل نه ٿا ڪرائين ۽ ابتدائي تعليم دوُران ئي گهرن ۾ ويهاري ڇڏين ٿا، هن صدي ۾ به نياڻين جي عام تعليم کي انهن جي خرابي جو سبب سمجهيو پيو وڃي، پٽن جي مقابلي ۾ نياڻين کي گهٽ تعليم تي رکيو پيو وڃي جيڪا ڳالھ روشن خيالي جي بلڪل ابتڙ ۽ افسوسناڪ آهي، روشن خيالي جو مثال اهو آهي جو هڪ شخص کي ڪنهن پاڙي واري دوستي ۾ چيو ته نياڻي کي پڙهائين ٿو سڀاڻي اها پنهنجن يارن کي خط لکندي، ان تي ان شخص ڪاوڙ ۾ اچڻ بدران اهو جواب ڏنو ته پوءِ ان ۾ ڪهڙي خرابي آهي، يارن کي خط پاڻ لکندي ۽ انهن جا خط به پاڻ پڙهندي ، ڪنهن پاڙي واري کان نه لکائندي ۽ نه پڙهائيندي. ڇوڪرين جي تعليم جي سلسلي ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ اها به رهندي آهي جو سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڇوڪرين کي 5  سالن جي عمر بجائي 7 کان 8  سالن جي عمر ۾ داخل ڪرايو وڃي ٿو. ڇوڪرن جي داخلا ۾ عمر جو اهو فرق لڪي وڃي ٿو پر ڇوڪرين جي عمرين ۾ اهو فرق نٿو لڪي 5  سالن جي ڇوڪري پهرين درجي ۾ داخل ٿئي ته اها 10 سالن جي عمر ۾ پنجون پاس ڪري نڪري اڳيان وڌي سگهي ٿي پر 8 سالن جي عمر ۾ اسڪول ايندڙ ڇوڪري پنجين درجي پاس ڪرڻ وقت 13 سالن جي ٿي وڃڻ تي مائيٽن طرفان گهر ويهاري وڃي ٿي. ان اهم مسئلي طرف سرڪار ۽ سوسائيٽي جو ڪو ڌيان نه رهيو آهي. جتي سرڪاري انگن اکرن مطابق 50 سيڪڙو ٻار اسڪول ئي نه ٿا وڃن، جن ۾ اڌ کا وڌيڪ ڇوڪريون شامل آهن. اتي ان ڳالھ جي ڪهڙي توقع رکجي ته ھر ڇوڪري کي پنجن سالن جي عمر ۾ اسڪول آڻجي ۽ اها 10 سالن جي عمر ۾ پرائمري پڙهي مڊل اسڪول ڏانهن هلي وڃي. تعليم سجاڳي آڻڻ ۽ پيدا ڪرڻ جو رستو آهي ۽ ان ذريعي عزت ۽ وقار جي اهميت کي سمجهڻ جو گس حاصل ٿئي ٿو . سجاڳي فردن کي آزاد مرضي واري حق سان روبروح ڪرائي ٿي. جڏهن ته اسان جي سماج جو تمام وڏو حصو ان حق جي خلاف رهندو آيو آهي، جنهن  لاءِ به تعليم تربيت ۽ آگاهي جي وڏي اهميت ۽ ضرورت آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو