ڇا سنڌ ڪرمنلائيز پولٽيڪل صوبو آهي ؟

محمد فاروق ٻرڙو قادري

رٿابندي جي وفاقي وزير اسد عمر ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ سنڌي صحافين دانشورن ۽ ليکڪن سان ڪيل ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ نارمل پوليٽيڪل صوبو ناھي، سنڌ ڪرمنلائيز پولٽيڪل صوبو آهي، وفاقي سرڪار ڪجھه اھڙا قدم کڻندي جنھن سان سنڌ حڪومت ۽ وفاق ۾ اختلاف وڌندي نظر ايندا، سنڌ ۾ اھڙا ماڻھو گھرجن جيڪي پي ٽي آء سان گڏ بيھن، ھوڏانھن ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ عامر خان چيو آهي ته سنڌ ۾ پ پ جي جعلي اڪثريت آهي، ان ڪري گورنر راڄ لاڳو ڪيو وڃي، پ پ دھشتگردن ۽ را جي ايجنٽن کي ڪوڙا ڪارڊ ڏئي سلامتي داء تي لڳائي ڇڏي آهي، 10 لک جعلي ڪارڊ ڪڍڻ سان ڪراچي جي آبادي رڳو سوا ڪروڙ بچندي، جيئن ته سنڌ جي منظر نامي ۾ ايم ڪيو ايم جي حيثيت ھاڻ مئل گھوڙي جھڙي آهي، پر جيئن ته اھو مئل گھوڙو ھن وقت به پي ٽي آء سرڪار جي طنبيلي ۾ بيٺل آهي ان ڪري اھو ضروري ٿو سمجھجي ته ايم ڪيو ايم پاران سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واري گهر ۽ وفاقي وزير اسد عمر پاران سنڌ کي سياسي ڏوھارين جو صوبو قرار ڏيڻ واري ٻنهي موقف کي سامهون رکي ان ڳالھ جو جائزو ورتو وڃي ته ٻنهي اڳواڻن پاران چيل لفظن ۾ ڪيتري حقيقت آهي ۽ ايم ڪيو ايم پاران سنڌ ۾ گورنر راڄ واري گهر جي پٺيان ڪٿي وفاقي سرڪار جي ڪا خواهش ته لڪل ناهي، اسان وفاقي وزير اسد عمر پاران جن سنڌي دانشورن سان ڪيل ڳالهه ٻولهه کي آڏو رکي جڏهن تفصيلي ويچار ڪريون ٿا ته اسان جي آڏو سڀ کان پھريون سوال اھو اچي ٿو ته جن دانشورن کي اسد عمر خطاب ڪيو آهي ڇا اھي واقعي دانشور به آهن يا نه، يا انھن کي اھو ڪنھن حق ڏنو ته اھي سنڌ جي برندڙ مسئلن کي ڇڏي ھڪ وفاقي وزير جي اھا ڳالھ ٻڌن جنهن ۾ ھن جو سڄو زور سنڌ صوبي کي خوار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ھو، اسان ھنن ڪالمن ۾ ملڪ جي سڀني سياستدانن کي اھا گذارش ڪندا رهيا آهيون ته جيئن ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي ۽ پيپلزپارٽي جا مخالف جڏهن به پ پ تي تنقيد ڪرڻ لڳندا آهن تڏهن اھي اھو وساري ويهندا آهن ته پيپلزپارٽي ۽ سنڌ ٻه ڌار ڌار حقيقتون آهن، ان ڪري جڏهن به پيپلزپارٽي تي تنقيدن جا تير وسايا وڃن، تڏهن ان ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ته اھڙن لفظن ۽ جملن کان پاسو ڪيو وڃي جيڪي سنئون سڌو سنڌ تي حملا ٿيندا نظر اچن، سنڌ جو ماڻهو پيپلزپارٽي يا سنڌ سرڪار سان اختلاف رکندڙن جي تنقيد تي ته ڪو به رد عمل نه ڏيندو، ڇاڪاڻ ته رد عمل جو حق پارٽي ۽ سنڌ سرڪار کي ئي آهي پر جيڪڏهن سنڌ خلاف ڪي گٿا لفظ ڳالهايا وڃن ته پوءِ سنڌ جي ماڻهن جي رد عمل کي روڪڻ ڪنھن جي به وس ۾ نه ھوندو، 

اسان سمجهون ٿا ته وفاقي وزير پاران اھو چوڻ ته سنڌ سياسي ڏوھارين جو صوبو آهي، تنھن جو اھو ئي مطلب نڪري ٿو ته سنڌ ۾ جيڪي به سياسي سوچ رکندڙ ماڻهو آھن، اھي سڀئي ڏوھاري آهن ۽ سنڌ نارمل پولٽيڪل صوبو ناھي، اسان سمجهون ٿا ته وفاقي وزير دانشورن سان ڳالھائڻ وقت لفظن جي صحيح چونڊ نہ ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ رڳو پيپلزپارٽي ئي ناهي پر سنڌ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون سياسي پارٽيون سرگرم آهن، جن سان ھر ڪنھن کي ھر سياسي پارٽي کي اختلاف رکڻ جو حق آهي، جڏهن ته اھا ڳالھ به ھر ڪنھن کي ذھن ۾ رھڻ گھرجي ته سنڌ پاڪستان ۾ رضا ڪاراڻا طور تي شامل ٿي آهي ۽ اھا پاڪستان جي خالق به آهي ۽ پاڪستان جي حقيقي ڪسٽوڊين آهي، سنڌ جو ماڻهو جيترو محب وطن آهي اوترو شايد ٻيو ڪو به نه ھجي،ان ڪري سنڌ کي ڏوھارين جو صوبو قرار ڏيڻ ڪٿان جو انصاف آهي، اسان مڃون ٿا ته سنڌ ۾ بدانتظامي جي ڪري ڏوھي سرگرميون وڌي رهيون آهن، پر وفاق پاران اماڻيل رينجرز به موجود آهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڏوھن تي ضابطو نه اچي رهيو آهي ته ان جو جواب سنڌ سرڪار سان گڏوگڏ وفاق کي به ڏيڻ ۾ ڏوھن تي ضابطو نه اچي رهيو آهي ته ان جو جواب سنڌ سرڪار سان گڏوگڏ وفاق کي به ڏيڻ گھرجي ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مقرر ڪيل رينجرز اڃا تائين سنڌ کي ڏوھن کان پاڪ ڪري ڇو نه سگھي آهي، بھرحال سنڌ سرڪار جي مخالفت ۾ جيڪڏهن سنڌ کي لتاڙڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي ته پوءِ ڪنھن به وقت ڪو وڏو ممڻ مچي سگهي ٿو، ان سلسلي ۾ ھڪ ننڍڙو مثال اڳ ئي موجود آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پرڏيهي دوري دوران سنڌي ٽوپي پائڻ تي ھڪ ٽي وي اينڪر پاران ڪيل تنقيد جو اھو نتيجو نڪتو جو سڄي سنڌ ھڪ ئي وقت نه رڳو رستن تي اچي وئي پر ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اجرڪ ۽ ٽوپي وارو ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي اسان کي خبر ناهي ته جن دانشورن کي سرڪار جي چيٽي وڄائڻ تي اسلام آباد پھچڻ جو حڪم ڏنو ويو تن وفاقي وزير پاران ڳالھايل اھڙن لفظن تي ھنن ڪھڙو رد عمل ظاهر ڪيو، بھرحال وفاقي وزير کي پنھنجن لفظن تي ٻيھر غور ضرور ڪرڻ گهرجي، اسان ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ پاران سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واري مطالبي کي سندن سياسي بيوسي سمجهون ٿا ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم جي پيرن هيٺان ڏينھون ڏينهن زمين کسڪي رهي آهي، ان ڪري اھي پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ ڪڏهن سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ته ڪڏهن سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ جي گھر ڪن ٿا، اسان سمجهون ٿا ته ايم ڪيو ايم جي قيادت ھاڻ پوين پساهن ۾ آهي، ان ڪري انھن جي ڳالھين کي دل تي وٺڻ نه گھرجي، ڇاڪاڻ ته ھاڻ انھن جو جياپو ئي ابتا سبتا بيان ۽ مطالبا ڪرڻ تي ئي آهي.       farooqburiro9@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو