سميعه گل سومرو
جئين ته اسان کي خبر آهي ته ڊيم ڪنھن بہ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو آھي.ڊيمن سان نہ صرف سستي بجلي مھيا ٿيندي آھي بلڪہ پاڻي ذخيرو ڪري سڪل زمينن (بنجر زمينون) کي آباد ڪيو ويندو آهي. اھي ھي ڊيم قدرتي آفتن ۽ سيلاب (ٻوڏ) کان بچائڻ جو ذريعو ھوندا آھن.پاڪستان ٺھڻ کان وٺي 50 سال تائين پاڪستان قائم ٿيڻ واري حڪومتن صرف ٻہ وڏا ڊيم تيار ڪيا جڏھن تہ (ڪالاباغ ڊيم) شروع کان وٺي اڄ تائين ھڪ سٺي ميار (صورتحال) ۾ آھي.ورلڊ بئنڪ (World Bank) سان گڏ ڪافي ادارن فنڊ نہ ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني جنھن تي وزيراعظم عمران خان ذاتي دلچسپي ورتي ۽ مسئلن کي حل ڪرايائين، ان کانپوءِ ڊيم جو ڪم ڏاڍو تيزيءَ سان شروع ڪيو ويو، جيڪو 2024 ۾ مڪمل ٿيندو.ھي ڊيم ھائيڊرو اليڪٽرڪ ڪشش ثقل وارو ڊيم آھي، جيڪو بجلي ٺاهڻ جي مقصد لاءِ ٺاهيو پيو وڃي، ان رٿا مان ٽوٽل 5ھزار ميگاواٽ بجلي تيار ڪئي ويندي ۽ ان ئي بجلي ٺاهڻ واري منصوبي جو نالو داسو ھائيڊرو اليڪٽرڪ پاور پروجيڪٽ رکيو ويو آھي، جنھن مان ڊيم ۾ جمع ٿيل پاڻي مان بجلي ٺاهي ويندي پر ان لاءِ گھربل پاڻي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ سنڌو درياھ جي پاڻي جو رخ موڙي ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو جيڪو پاڻي ھن پروجيڪٽ کي فعال ڪرڻ لاءِ ڪم ايندو، جنھن ۾ پروجيڪٽ ڊيم پھرين مرحلي ۾ رخ موڙڻ ۾ ڪامياب ٿي آھي ۽ سنڌو درياھ جو رخ موڙي پاڻي داسو ڊيم طرف منتقل ڪيو ويو آهي.ٻڌايو وڃي پيو تہ پھرين مرحلي ۾ واپڊا ھن پاور پروجيڪٽ مان 2161 بجلي تيار ڪندي جيڪا مجلي 2026 تائين استعمال جي قابل ٿي ويندي. ياد رھي تہ ھي پروجيڪٽ 2017 ۾ شروع ٿيو.فنڊنگ ۽ زمينن جي تڪرار جي ڪري رڪيل ھو.2019 ۾ زمين جي چونڊ ۽ فنڊنگ ٿيڻ ڪري شروع ڪيو ويو، ھن منصوبي لاءِ ورلڊ بئنڪ 700 ملين تي قرضو ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ھتي ثيونل ڏيڻ جو مقصد آھي تہ درياھ جو رک موڙي اتي پاڻي روڪڻ لاءِ ڊيم ٺاھجي ان کانپوءِ اصل پروجيڪٽ جي شروعات ٿيندي، پاڻيء ماھرن موجب ھن ڊيم سان سنڌو درياھ ۾ ايتري سخت کوٽ پيدا نہ ٿيندي،اھا ڳالھ گھڻين ڀاڱين ٺيڪ آھي پر ڏٺو وڃي تہ سنڌو درياھ جي پاڻيءَ تي پھريان ئي ڪيترائي ڊيم ۽ ڪيئنال جڙيل آھن جيڪي سنڌ جي حصي جي پاڻيءَ سان ھٿ چراند ڪن ٿا جنھن سان سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نہ ٿو ملي ۽ نتيجي ۾ سنڌ سدائين پاڻيءَ لاءِ پريشان ھوندي آھي، سنڌ جون زمينون بنجر بڻيل آھن، زراعت تباھ آھي، پيئڻ جي پاڻي لاءِ جر پڻ خطري ھيٺ آھن، ۽ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نہ پهچڻ ڪري سمنڊ سنڌ جون زمينون ڳڙڪائيندو پيو وڃي. فڪر ڪيو تہ سنڌ تربيلا ڊيم جي ڪري جيڪو 9 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ ڪري ايترو نقصان برداش ڪري پئي، اھا وڌيڪ ھنن نون ڊيمن جو نقصان ڪٿان برداش ڪندي بلڪہ ان سان وڌيڪ خدشا آھن تہ سنڌ وٽ زراعت جي لاء پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿيندي، پر جر سڪي ويندا ۽ اسان وٽ پيئڻ جو پاڻي بہ نہ ھوندو. سنڌ جون زمينون بنجر ۽ ريگستان جو منظر نامون پيش ڪنديون.جيتوڻيڪ داسو ڊيم ٺاھڻ جو مقصد صرف بجلي ٺاهڻ آھي پر داسو ڊيم مان ٺھندڙ بجلي يا ٻين ڊيمن مان ذخيرو ڪيل پاڻي ڪڏھن بہ سنڌ يا سنڌين جي استعمال ھيٺ نہ ايندو، داسو ڊيم سنڌو جي پاڻي جي قدرتي وھڪرن کي روڪي بڻايو پيو وڃي ان ڪري داسو ڊيم پڻ ھڪ غير قانوني عمل آهي.










