چين سان تعلقات ۾ گهٽتائي لاءِ دٻاءُ نا انصافي آهي،خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ چين ۾ 70 سال کان وڌيڪ بهترين تعلقات آهن، آمريڪا ۽ مغربي ملڪن جو چين سان تعلقات گهٽائڻ لاءِ دٻاءَ نا انصافي آهي. اهڙو اظهار هن چين جي ٽي وي چينل (سي جي ٽي اين) کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي ۽ ٻنهي جي تعلقات کي ڪا به قوت متاثر نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان تي ڪيترو به دٻاءُ وڌو وڃي پر چين سان تعلقات متاثر نه ٿيندا. هن چيو ته آمريڪا ‘ڪواڊ’ نالي علائقائي اتحاد قائم ڪيو آهي جنهن ۾ ڀارت کان سواءِ ٻه ٻيا ملڪ به شامل آهن ۽ ان ذريعي چين خلاف اپاءُ ورتا پيا وڃن. اسين ڪنهن جي به ڌر نه بڻبا سين ۽ اسين سڀني ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته سيپيڪ وڏو منصوبو آهي جنهن سان پاڪستان جو اقتصادي مستقبل لاڳاپيل آهي ان کي ڪامياب ڪرڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو