چيني شهرين جي سيڪيورٽي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو: نقوي

چيني شهرين جي سيڪيورٽي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو: نقوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته چيني شهرين جي حفاظت تي ڪو به سمجهوتو يا لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي.اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ چيني شهرين جي سيڪيورٽي بابت ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.جنهن ۾ وفاقي سيڪريٽري گهرو، سيڪريٽري دفاع، سمورن صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽريز، آءِ جيز ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ چيني شهرين جي سيڪيورٽي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي هدايت ڪئي ته چيني شهرين جي سڪيورٽي آڊٽ کي مقرر وقت ۾ يقيني بڻايو وڃي، لاڳاپيل ادارا گڏيل سهڪار سان نون ايس او پيز تي 100 سيڪڙو عملدرآمد کي يقيني بڻائين.هن چيو ته چيني شهرين جي سڪيورٽي لاءِ ايس او پيز سمورن لاڳاپيل ادارن جي مشاورت سان تيار ڪيا ويا آهن، ڪوشش ڪئي وئي آهي ته انهن ايس او پيز ۾ سڪيورٽي جي سمورن پهلوئن کي نظر ۾ رکيو وڃي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي هدايت ڪئي ته شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ادارا وڌيڪ سفارشن بابت آگاهه ڪن، ڪور ڪميٽي انهن سفارشن جو جائزو وٺندي، جيڪڏهن ڪٿي به بهتري جي گنجائش آهي ته انهن سفارشن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو