چيف جسٽس صاحب هڪ اميد

تحرير زوار حسين شاهه

سنڌ حڪومت خلاف جنهن طرح سان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي قابل احترام چيف جسٽس جناب گلزار خان صاحب بهترين  ريمارڪس ڏيندي  چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي حڪمرانن مٿان لنڊن ڪئنيڊا مان  حڪمن نامه  ٿي رهيا آهن عوام هن وقت وڏي بدحالي جو شڪار ٿي چڪو آهي ،  عوام  جي بدحالي جا قصا ايترا ته گهڻا آهن جيڪڏهن مان  سڄي سنڌ جيان خاص طور ٿرپاڪر ، جي ڳالهه ڪيان ته اربين روپيا خرچ ڪيا ويا  آر او پالانٽ  عام ماڻهن جي لاء پاني جو نظام  جي ڳالهه ڪئي وئي پر ڪڙو سچ اهو آهي ته  اهي پيسا به ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن اڄ به عوا بک مري رهيو آهي ، ڪو تسليم ڪري يا نه ڪري ،  پر ڪڙي سچي حقيقت اها آهي ،  مان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي تمام قابل اهترام جج صاحابن جي  اهڙن ريمارڪس بعد اهو چوندس ته سنڌ حڪومت پنهنجي ڄڻ آئيني حيثيت وڇائي ويٺي آهي ،  سنڌ پاڪستان جو اهو واحد صوبو آهي جتي ترقياتي ڪم به نه ٿيا پيسا به ورتا ويا ڪم به نه ٿيو ، منهنجي نظر م اربين روپين جي ڪرپشن ٿي آهي ، سنڌ حڪومت مٿان هونء ته هر هڪ تنقيد ڪري ٿو ته عوام سان  سنڌ حڪومت جون وڏين مهربانيون آهن پر  پوء به ڪڙو سچ اهو آهي ته  حڪومت سنڌ  هر تنقيد کي رد ڪندي رهي آهي ، پر جيتري عوام سان زيادتي ٿي آهي اها به  ڪنهن کان لڪيل ناهي ، هن وقت  جيڪڏهن مان  ڪرپشن جي ڳالهه ڪيان ته هونء ته پاڪستان جي چارئي صوبن اندر تاريخي ڪرپشن ٿي آهي جنهن کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي ، جڏهن ته پاڪستان سپريم ڪورٽ جي قابل احترام چيف جسٽس  جناب گلزار احمد خان صاحب پڻ  عوام جي دلين جي ترجماني ڪندي  سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي کي ظاهر ڪيو آهي ، ته جڏهن سنڌ حڪومت ڪراچي اندر  گندي پاڻي جي نالي جي صفائي نه ڪري سگهيا ته هو صوبو ڪيئن پيا هلائين برحال هي ڪهڙو پارليامياني نظام آهي جتي جيڪڏهن هڪ اي ايس آئي کي حڪومت ملي ته به هو پاڻ نطام هلائي سگهي ٿو  سنڌ جي صورت هال انتهائي خراب ٿيندي پئي وڃي ، سنڌ جي ٻين شهرن جو چڪر هڻندا ته به خبر پئجي ويندي ته سنڌ اندر ڇا ٿي رهيو آهي   ، مان عرض ڪندس ته  هن وقت به عوام وڏي تڪليف مان گذري رهيو آهي جڏهن ته سنڌ جي اڪثر رفاحي پلاٽن مٿان قبضا مافيه قبضا ڪري اتي به وڏيون وڏيون بلنڊنگيون ٺاهي قبضا ڪيا آهن ، جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ ائين پيو ٿئي غريب لاء هڪ قانون ۽ امير لاء ٻيو قانون لاڳو آهي  جنهن تي به سپريم ڪورٽ اف پاڪستان جي قابل احترام جج صاحبان کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ، هن وقت مان سمجهان ٿو ته پاڪستان جي هي واحد ادارو اهي جنهن تي عوام مڪمل اعتماد ڪري ٿو  ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قابل احترام جج صاحبان به تاريخي فيصله ڏيئي ويتر به عوام جي دلين تي حڪومت ڪرڻ لڳا آهن ، اسان اهو به ٺوسين ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان  ڀلي ڪيترو به طاقتور ماڻهون هجي ان کي  به ناهي بخشيو ويو،   توهان ماڻهو مارڻ جو ٺيڪو کنيو آهي، توهان ۽ توهان جي وزير کان ڪجهه نٿو ٿئي، توهان جا هٿ ماڻهن جي رت سان رڱيل آهن، توهان کان ريلوي کاتو نٿو هلي ته ڇڏي ڏيو، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ريلوي جي زمين تي قبضي بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان جي دور ۾ 2 هزار ماڻهو ٽرين حادثن ۾ فوت ٿيا، توهان جا مزا آهن، ماڻهو ڀلي مرن، توهان ته سيڪريٽري لڳا پيا آهيو، توهان ريلوي جي زمين کپائڻ ۾ لڳا پيا آهيو ته پئسا کيسن ۾ ڪيئن وجهڻا آهن، ريلوي کي زمين وڪرو ڪرڻ جو ڪوبه اختيار ناهي، حادثي کانپوءِ ريلوي وارا اُتي پهچي ويندا آهن، فوت ٿيلن جي پونيئرن لاءِ 15-15 لک رُپين جي معاوضي جو اعلان ڪيو ويندو آهي، ماڻهن کي توهان جا 15 لک نه، پنهنجا والدين ۽ پيارا گهرجن، ريلوي وزير جي پريس ڪانفرنس ڏٺي، مون کي لڳو ته ٽرين حادثي کانپوءِ وڏو وزير ۽ سيڪريٽري ريلوي استعيفيٰ ڏيندا، پر ائين نه ٿيو، هي رڳو ماڻهن کي مارائي رهيا آهن عدالت چيو ته ڪراچي کان سکر تائين ريلوي ٽريڪ 82 سيڪڙو خراب آهي، ٽريڪ مسافرن لاءِ خطرناڪ ۽ ناقابل استعمال آهي، چيف جسٽس چيو ته وزيراعظم کي پاڻ هي معاملو ڏسڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ريلوي تي وفاقي حڪومت کان ٻن ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي مان عرض ڪيان ته  پاڪستان پيپلزپارٽي جيڪا ڪڏهن ته ملڪ جي چئن ئي صوبن مٿان  حڪومت ڪندي هئي هن وقت غلط پاليسن جي ڪري عوام کان دوري  اختيار ڪرڻ بعد  وڃي سنڌ صوبي تي بيٺي آهي ،   برحال جيڪا سنڌ صوبي جي صورت هال آهي اها  بدترين ٿيندي پئي وڃي ، سپريم ڪورٽ  آف پاڪستان ئي جنهن طرح سان سنڌ حڪومت مٿان تنقيد ڪئي آهي اهو ئي عدم اعتماد جو سرٽيفڪيٽ اهي  ، سنڌ صوبو واحد صوبو آهي جتي جيڪو ڇاهي من ماني ڪري سگهي ٿو ، سنڌ جي زمينن مٿان قبضا ، بي گناهه شاگردن مٿان  دهشتگردي جي ڪيس ،  سنڌ جي وسلين مٿان بري نظر رکندڙن  به سنڌ سان گهٽ ناهي ڪئي هن وقت سنڌ حڪومت ئي آهي جيڪا سڌي سنئين  تنقيد پئي ٿئي ٻين صوبن ۾ قانون آئين حرڪت ۾ آهي ، سنڌ م صرف اچو کائو وري موقعو نه ملندو واري پاليسي تي ماڻهون ڪم ڪري رهيا آهن ، تڏهن ته سنڌ اندر جيڪڏهن ڪو گرفتار به ٿئي ٿو ته ان  خلاف ڪو گواهي شاهدي ڏيڻ لاء تيار ناهي پوء عدالت سڳوريون نيٺ گواهه  ثبوت نه هئڻ بعد جن مٿان به الزام آهن  انهن کي  آزاد ڪري ڇڏين ٿا  ، ، سنڌ مٿان آخر اهرو ظلم ڪري ڪير پيو اهو ڏسڻو به آهي سوچڻو به آهي ، جيڪڏهن صحافي يا سوشل ميڊيا  سميت خاص سپريم ڪورٽ آف پاڪستان  سنڌ حڪومت جا پرڪار ظاهر نه ڪن ته پوء  هي جابرانه ظالمانه ڪم هلندو رهندو پوء نه صحت جي سهولت کي ڪنهن ماڻهون کي ملندي نه تعليم جو سرشتو بهتر ٿيندو ، سنڌ مٿان قبضا مافيه منشيات مافيه ڀوتاري جاگيرداري آشيروار سان سنڌ کي وڌيڪ به تباهه ڪندو ، هن وقت به مان سمجهان ٿو ته جن جن مٿان به ڪرپشن جا الزام آهن ، مان عرض ڪندس ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ابل احترام چيف جسٽس صاحب سميت تمام عدليه سڳورين جي جج صاحبان کي عرض ڪندس ته سائين هو ظلم صرف مخصوص ضلعن ۾ ناهي ٿيو جيڪڏهن ننڊن وڏن شهرن جي ڳالهه ڪنداسين ته  ٻنهي هٿن سان  سنڌ کي لٽيو ويو آهي جڏهن ته اربين روپين جي  ڪرپشن ٿي آهي جنهن کي به لڪائي نه ٿو سگهجي ،  مان عرض ڪندس ته پاڪستاني قوم بلّ خصوص سنڌ جي قوم  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي  قابل احترام چيف جسٽس جناب گلزار احمد خان صاحب  تمام جج صاحبان  جو شڪري ادا ڪري رهي آهي جن انهن ظالمن خلاف ريماڪس ڏنا آهن جنهن لاء ڪو ڳالهائي به نه ٿو سگهي جيڪڏهن حق سچ ڪو لکي ٿو ڳالهائي ٿو ته پوء يا ته ان مٿان ڪوڙا ڪيس دخال ڪندا يا مرڳو موت جي منهن م ڦٽو ڪندا ، يا حراسان ڪري موت مار ڌمڪيون ڏيندا ، پر مان سلام پيش ڪندس رياست پاڪستان جي خاص هن اداري جنهن نه صرف آئين قانوپن جي بالادستي کي قائم رکيو پر  پاڪستان جي عوام سميت سنڌ جي عوام جي ڏکن دردن جي ترجماني ڪندي   سنڌ حڪومت سميت ڪڏهن ڪڏهن وفاق کي به رستو ڏيکاريو آهي ، جنهن کان پوء هڪ اميد ته جاڳي آهي ته اهڙي ڇتي تنقيد بعد سنڌ حڪومت  سميت اڳواڻن م تبدلي اچڻ گهرجي ، جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي به اهي ته معافي وٺي  سنڌ جي ترقي لاء ڪم ڪري سنڌ جي سٻاجهڙي عوام کين کي معاف ڪري ڇڏيندو ، پر عرض ڪيان ته جيڪڏهن عوام کان معافي نه ورتي وئي  ته پوء ايڪشن جڏهن به ٿيندي عوام انهن حڪمرانن کان ووٽ نه ڏيئي پلاند به وٺي سگهي ٿو ، برحال مان عرض ڪندس ته  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان  جي قابل احترام جج صاحبان جنهن طرح سان  وفاق سميت سنڌ جي اڪثر سياسدانن جي ڪارڪردگي تي جهڙي ريت تنقيد ڪري رهيا آهن ، هي پاڪستاني قوم سميت سنڌ قوم سائين جن جي احسان مند آهي ، هارا لفظ استعمال ڪرڻ تمام وڏي ڳالهه آهي ته سڄو ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي  سنڌ  ۾ ترقي نه پئي ٿئي ، هي جملو وڏو ڪم جو ان ڪري آهي ته   هن مان هڪ ڳالهه ته واضع ٿي ته سنڌ اندر صرف ڪرپش ڪرپشن  پئي ٿئي ، اهو به سوال  پيدا ٿي رهيو آهي ته ڪرپشن ڪندڙن خلاف به ادارن کي قانوني ڪاروائي ڪرڻ  گهرجي جيئن ڪرپشن ڪندڙن کي به سبق ملي ۽ خوف ۾ مبتلا ٿين ، ائين ڪرڻ سان ملڪ به ترقي ڪندو ،                

پهنجو تبصرو موڪليو