سرتاج شر
ٻاويھ رجب جي ڏينھن ، آء به معصوم شاھ لائبريري ۾ قانون جا ڪتاب ان لاء پڙھي رھيو ھيس تہ 19.2.23 تي لاگيٽ جي ٽيسٽ ھئي جنھن جو الڪو به ڏاڍو ھيو پر مسلسل قانون جا ڪتاب پڙهڻ سان مٿي تي به الاھي وزن ھيو سوچان پيو ته ڪو اھڙو ادب جو ڪتاب ملي وڃي جيڪو پڙھان تي مٿان وزن لھي ۽ ٿورو پرسڪون ٿيون ، ٻارھين ڌاري ڪامريڊ عبداللطيف کوسو وڪيل ، لائبريري ھال ۾ آيو پٺي ٿي رکي چيائين ھل ته ڪم آھي ميونسپل آفيس ان ھلون لائبريري کان پنڌ وياسين ،رستي ۾ ڪامريڊ کي چيم اڄ ڪھڙين دوستن امام جعفر صادق عليه السلام جو نياز ڪيو ، ۽ پڪ آھي ته آغا صورت علي ڪيو ھوندو مون چيومانس ڪامريڊ ھلون ڀلا محبوب سائين مطلب آء پنھنجي پياري دوست آغا صورت علي خان کي پيار وچان محبوب سائين سڏيندو آھيان ، ميونسپل جي آفيس کان واند ملي ته ، وري اي سي آفيس سکر ڪامريڊ عبداللطيف کوسو وٺي آيو اتي ، ڪامريڊ عتيق الرحمان سومرو وڪيل جي ڪال اھي ان چيو ڪٿي آھيو ، مان چيومانس ته ڪامريڊ سان گڏ اي سي آفيس آھيون ، پوء ڪامريڊ عتيق جي گاڏي ۾ ٽائون شپ ڏانھن روانا ٿياسين آغا صورت علي خان ڏي ، اتي پھتاسين ته آغا گھر کان ٻاهر اسان جي استقبال لاءِ بيٺو ھيو ، پوء اسان ٽنھي ڄڻن کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي ويو ، منھنجي جلدي نظر انھن ڪتابن تي پئي جيڪي آغا جي ڪمري ۾ پيل ھئا ، آغا کي آء چيو ته اڄ ڪھڙو ڪتاب پيو ڏين ان وراڻيو ته ٻاھر گاڏي ۾ پيل آھي ، نياز کائي پورو ڪيوسين ته آغا کي چيو ته مان ڪھڙو ڪتاب ھٿان کڻان ، ان چيو بابا اتان نه مان به ضد ڪئي ۽ عتيق الرحمان سومرو کي چيم ته ڪھڙو ڪتاب کڻان ان مون کي ڪتاب کڻي ڏنو ، سائنس جي تاريخ جيڪو ، عطا محمد ڀنڀرو جو لکيل آھي ۽ ٻاھر آياسين ته ان مونکي پنھنجي گاڏي مان ،
ھي ڪتاب ، چمڙي جو پٿر ، ناول ، ڪڍيو ۽ ان تي منھنجو نالو لکيو ، پوء مونکي ڏنائين،
ھي ڪتاب تقريبا ھڪ ھفتي ۾ پڙھيو آھي ، ان کي ڪتاب منھنجي ھٿن ۾ ڏسي ماڻھن الاھي تنقيدون به ڪيون آهن ته اھڙي ماڊرن دور ۾ ناول ٿو پڙھين ۽ توکي انھن مان ڇا ورندو ، اھڙيون ڳالھيون به آھن ماڻھو چون پيا ته ھي اجائي ۽ غير ضروري ڪتاب ڇو پيو پڙھين قانون جا ڪتاب پڙھ جتان ڪجھ ملي به ، انھن کي ماڻھن کي ڪھڙي خبر ته زندگيءَ صرف پئسن ڪمائڻ لاء ناھي ملندي ، پئسا ته اھڙن ماڻھن اربين رپيا ڪمايا ، پوء مري ويا ته ڪنھن پاڙي واري کي به خبر نه ھئي ته ھيء ماڻھون فوت ٿي ويو آھي ، ان جي دولت ان کي به نه ملي سگھي جنھن سموري عمر پئسن جي ڪمائڻ جي ڀڄ ڊڪ ۾ ھيو ، اصل زندگي ته آھي جئين رسول صلي الله عليه وسلم جي حديث پاڪ آھي ته توھان بھترين اھو آھي جيڪو علم پاڻ پرائي ۽ ٻين کي سيکاري ، ۽ سڀ وڌيڪ عبادت انسان جي خدمت ڪرڻ آھي ، جيستائين ، انسان کي پنهنجي زندگيءَ جو خبر نه ھوندي پوء ھو ٻين انسانن جو قدر ڪئين ڪري سگھندو ،ڪجھ اھڙيون ڳالھيون آھن ، سڀ ڪجھ دولت ناھي ھوندي ، آھي بي ماڻھون باقاعده بھترين ۽ خوش زندگيءَ گذارين ٿا جن وٽ پئسو ، پورو سارو آھي ، جيڪي ڪرڻ جھڙيون ناھن ، في الحال جڏھن ھي ڪتاب جو مھاڳ پڙھيو جيڪو پروفيسر ساجد سومرو جو لکيل آھي، ھي ناول ان ماڻھون جي زندگي تي لکيل آھي جنھن نالو ملھار آھي ، جنھن جي محبوبا رکي نالي ھڪ ڇوڪري جيڪا ، ملھار جو پھريون پيار آھي ، ھي ننڍڙي ھوندي کان ماسٽر جي تعليم، تائين رھڻ زندگيءَ جو سفر آھي ، ھڪ عام ٻار جي زندگيءَ کي ۽ ٻار وتڻ کان آخري انھن لمحن تائين لکيو آھي جڏھن ھو پنھجي انھن غلط فھمين کي دور ڪري پشيمان ٿي وري ٻيھر پنھجي پھرين پيار کي ماڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ، ۽ ھن ڪتاب ۾ ڪجھ اھڙيون فلسفاڻيون ڳالھيون وچ ۾ لکندڙ طرفان لکيون آھن. جيڪي پڙھندڙ لاءِ بلڪل بيزاري جو سبب بڻجن ٿيون ، اھڙيون ڳالھيون ليکڪ پنھنجي لحاظ سان ڪرڻ گھرجن ڇو ته ، انھن رسمن رواجن کان به آزاد ٿيڻ ضروري آهي ته جئين انسان پنھجي آزاد ۽ خوش زندگيءَ گذاري سگھي ، اھو نه ڏسجي ته ليکڪ ڪير آهي ،پر اسان پڙھندڙ لاء ضروري آھي ته لکيو ڇا اٿس ان ڪھڙيون شيون لکڻ گھرجن ڪھڙيون نه گھرجن ، ھي ڪتاب ان شيء تي لکيو ويو جو انسان غلط فھمين جي ڪري پنھجي زندگيءَ کي به دوزخ بڻائي ڇڏي ٿو ۽ ان جي زندگيءَ کي به جيڪو ان لاء چاهيندڙ آھي ، پر منھنجي سوچ ويچار مطابق ھي ھن نئين دور جو ناول جو بھترين ليکڪ آهي ۽ اھو سچ آھي ته نسيم کرل کانپوءِ ھي ھڪ بھترين ناول جو ليکڪ آهي ، اھو آھي ته مان نسيم کرل نه پڙھيو آھي ، فقط ان لاء ٻڌو آهي ، ھي ڪتاب ھر نوجوان کي پڙھڻ لاء ضروري آھي ۽ مفيد به پڙھڻ ۽ اڳتي زندگيءَ گھارڻ لاء ، ۽ نئين دنيا لاء به چڱي ڄاڻ اٿس ،










