اليڪشن اهڙي طريقي سان چاهيون ٿا جيئن ڪو آڱر نه کڻي: شاهه

اليڪشن اهڙي طريقي سان چاهيون ٿا جيئن ڪو آڱر نه کڻي: شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته اسان چونڊون اهڙي نموني ڪرائڻ چاهيون ٿا ته ڪو آڱر نه اٿاري، عمران خان چئي رهيو آهي ته اليڪشن ٿيندي ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، ائين ناهي.ڪراچي ۾ سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب منعقد ڪئي وئي هئي، 2009 ۾ آصف زرداري افغانستان ويو هو، آصف زرداري سنڌي ٽوپي پهريل هئي، جنهن تي اعتراض ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ سنڌ اجرڪ جو ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.هن چيو ته شاگردن ملڪ جي ثقافت کي تمام سٺي انداز ۾ پيش ڪيو، هنن هتي پاڪستان جا سمورا رنگ ڏٺا.مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته اسان تعليم کاتي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته وڏا خيما لڳرايا وڃن، بچاءَ جو مطلب ماڻهن کي ٻيڙين مان ڪڍڻ ناهي، انهن متاثرين جي زندگي بهتر ڪرڻ به آهي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته اسان کي مهانگائي جو اندازو آهي، عمران خان ساڍا ٽي کان چئن سالن ۾ تباهي پيدا ڪئي، جيڪڏهن ڳالهه ڪرڻي آهي ته ان ۾ ڪا به شرط لاڳو ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو