تحريرعبدالمجيد بروھي
پاڪستان پيپلز پارٽي جي بنياد کان وٺي ھن وقت تائين جيڪڏنھن پ پ پ قائم ۽ دائم آھي تـ اھو سڀ ڪجھ جيالن جي ڪري آھي ۽ اھي جيالا جن جو جيئڻ مرڻ صرف ڀٽو شھيد جي پارٽي جي فلاح ۽ ڀٽو شھيد ۽ شھيد راڻي جي پارٽي جي سوچ ۽ فڪر کي عام ڪرڻ آھي انھن ڀٽوازم جي پوئلڳن ۾ پوري دنيا ۾ رھندڙ پارٽي جا لکين جانثار پڻ آھي پر انھن لکين جانثارن ڪجھ ھزار جيالا اھڙا پڻ آھن جن کي ڪيترن ئي سالن کان پارٽي جي مقامي قيادت پاران ڀت سان لڳايو ويو آھي کين ايترو تـ سوڙھو ڪيو ويو آھي ايترا تـ سور ڏنا ويا آھن جو اھي ڏک مان ھر وقت قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد راڻي بينظيرڀٽو کي ياد ڪري ڳوڙھا ڳاڙيندا رھندا آھن ايتري ڏک ۽ پوئتي ڪرڻ باوجود ھنن جي گھرن مٿان اڄ بـ پارٽي جا پرچم لڳل آھن مقامي قيادت پاران نظر انداز ڪرڻ باوجود انھن جي دلين مان ڀٽو شھيد ۽ شھيد راڻي جي محبت کي ھو ختم نـ ڪري سگھيا آھن انھن مان ھڪ جيالو قمبر تعلقي جي ڳوٺ ٻير شريف جو آھي جنھن اسڪول ٽائيم کان ويندي اڄ تائين پ پ پ جي زيلي ونگ سپاف ۾ ڪم ڪندو رھيو آھي ان جو نالو آھي آصف علي تنيو جيڪو اسڪول ڪاليج سميت سٽي ۽ تعلقن جي مختلف عھدن تي وڏي سچائي دل سان ڪم ڪندو رھيو آھي ان جيالي کي ضلع قمبر شھدادڪوٽ ٺھڻ بعد جيالن جي سپورٽ ۽ ووٽ سان ضلع قمبر جو صدر مقرر ڪيو ويو ان بعد ھن جنھن انداز سان نئون ضلعو ھجڻ باوجود قمبر ضلعي ۾ سپاف کي مضبوط ڪيائين انجو مثال ڪٿي بـ نٿو ملي ھر تعلقي سٽي ۽ ڪاليجن ۾ يونٽس ٺاھي اتي اھڙا جيالا مقرر ڪيائين جيڪي ڀٽو ازم جا پيروڪار ھئا سپاف جي ضلع جو صدر ھجڻ باوجود ھو ھر شھر توڙي مختلف شھرن جي چوراھن چوڪن تي وڃي شھيدن جي ورسي جي حوالي سان پاڻ وڃي پارٽي جا پرچم وال چاڪنگ سميت پينافليڪس ۽ بينر پڻ پاڻ پولن تي چڙھي ھڻندو ھيو ان جي دور صدارت ۾ سپاف ھڪ منظم ۽ متحد تنظيم مشھور ٿي پوري سنڌ ۾ سپاف ضلع قمبر شھدادڪوٽ کي ھر ورسي تي نمبر ون ضلع قرار ڏنو ويندو ھيو شھيد راڻي جي شھادت بعد مون کي اڄ بـ ياد آھي سخت سردي ھجڻ باوجود ستاويھ ڊسمبر تي ضلع قمبر ۽ لاڙڪاڻي جي جيالن کي اھو حڪم ڪيو ويو تـ اھي پوري مزار جي سيڪيورٽي ڪندا مان اڄ بـ اھي ڏينھن ياد ڪري آصف علي تنيو کي سلام پيش ڪندو آھي شھيد راڻي جي ورسي جي رات کان ھڪ ڏينھن اڳ برسات پوڻ بعد سڄو پنڊال پاڻي سان ڀرجي ويو ھيو جنھن پاڻي کي جيالن پنھنجي مدد پاڻ تحت گرائونڊ مان ڪڍيو ھيو ان بعد جڏنھن اسان کي اھو چيو ويو تـ رات جو مزار تي پھچو تـ جيئن صبح جو مزار ۽ انجي آسپاف سيڪيورٽي جا فرائض انجام ڏي سگھون ان رات شاميانا لڳائي گلم تـ وڇايا ويا ھئا پر سخت سردي ۽ تيز برسات پوڻ بعد زمين آلي ٿيل ھئي انجي ڪري گلم آلا ٿي ويا ھئا ان سڄي رات سپاف ضلع قمبر جو ان وقت جو صدر آصف علي تنيو پاڻ اتي موجود رھيو سخت سردي ۾ زندا آھي ڀٽو زندا ھي ڀٽو جا زورادا نعرا ھڻائيندو رھيو پاڻ اتان کسڪي وڃي سگھي پيو پر ھن ائين نـ ڪيو پوري رات جيالن سان گڏجي اتي جاڳي رات گذاريائين ۽ صبح جو شھيدن جي مزار آڏو پنھنجي ٽيم سميت ڊيوٽي ڪندو رھيو ان عظيم جيالي کي مان سلام پيش ڪريان ٿو ان جھڙن جيالن جي ڪري اڄ پ پ پ اڄ بـ عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿي مشرف جي ظلم واري دور حڪومت ۾ ھر شھر ۾ جتي بـ جيالن مٿان ڪيس وغيرا ٿيندو ھيو اتي ھي جوان جو پٽ پھرين ڏينھن تي پھچي ويندو ھيو ۽ پوليس جي ظلم خلاف آواز اٿاريندو رھندو ھيو مشرف جي ڪاري دور جي پڄاڻي بعد جڏنھن پ پ پ جي حڪومت وجود ۾ آئي تـ ھن پوري ڪوشش ڪئي تـ ھر تعلقي ۽ سٽي جي عھديدار کي روزگار سان لڳرائي ھن جي ڪوششن سان پوري ضلع ۾ ڪيترن ئي جيالن کي روزگار مليو جيڪي اڄ بـ پارٽي سان سلھاڙيل آھن چوڻ جو مقصد صرف اھو آھي تـ آصف علي تنيو ۽ بشيراحمد ر عمر عزيز ڇٽو بابو خدابخش چانڊيو عبدالمجيد بروھي ارشاد بروھي زرڪ کوسو ديدار مگسي راجا وسيم شيخ بشيراحمد مگسي ڪرم اللـ ڀنگر ۽ قمبر ضلع جا ٻيا اھڙا انيڪ جيالا آھن اھي جيالا پارٽي لاء سرمايو آھن پارٽي کي انھن جو قدر ڪرڻ گھرجي پارٽي قيادت انھن جيالن کان ڀلي لاعلم ھجي پر مقامي پارٽي قيادت کي تـ انھن جھڙن جيالن جي قربانين ۽ محنت بابت تـ پوري ڄاڻ آھي پوء ڇو انھن جھڙن سچن ورڪن جن ۾ مون جھڙا انيڪ ٻيا ورڪر ۽ سچا جيالا شامل آھن انھن کي نظرانداز ڪري ڪجھ اھڙن ماڻھن کي ڇو ٿا اڳيان آڻين جن کي پارٽي جي منشور ۽ پارٽي جي فلسفي جي بـ ڄاڻ نـ آھي قمبر ضلعي ۾ آصف علي تنيو سپاف کي ايترو تـ مضبوط ڪيائين جو اڄ بـ ھر جيالو چاھي ٿو تـ کيس سپاف ۾ ڪو عھدو ملي آصف علي تنيو پارٽي جو سرمايو آھي پارٽي جي مقامي ضلع جي قيادت کي گھرجي تـ ان جھڙي جيالي کي نظرانداز ڪرڻ بجاء کيس پارٽي جي لاء وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي لانگ مارچ ۾ ڀلي کيس ۽ انجي ٻين ساٿين کي عھدا نـ بـ ھجن پر صف اول ۾ اڻ جھڙا جيالا اوھان کي نظر ايندا جيڪي پنھنجي قائد مٿان جان قربان ڪرڻ کان بـ پير پوئتي ناھن ڪندا اھي ڏينھن اڄ بـ ياد آھن جڏنھن شھيدراڻي جلاوطني ختم ڪري ڏيھ وري ھئي ان وقت آصف علي تنيو پڻ شھيدراڻي جي سيڪيورٽي ۾ جانثاري ڪري رھيو ھيو ان ڏينھن بزدل ۽ انسان دشمنن ۽ عوام دشمنن جي ڪريل حرڪت جي ڪري ڪيترائي آصف علي تنيا جا ساٿي پنھنچي ڀيڻ مٿان جان قربان ڪيائون ۽ آصف علي تنيو غازي بڻجي آخر تائين اتي موجود رھيو جيسيتائين سندن کي پڪ ٿي تـ سندن عظيم اڳواڻ خيريت سان آھي ۽ کيس حفاظت سان بلاول ھائوس پھچايو ويو آھي ان بعد ھو واپس پنھنجي گھرن ڏانھن موٽيا ھئا اڄ بـ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي اعلان بعد لانگ مارچ جي تيارين ۾ اھي جيالا لڳل آھن جيڪي ھميشا ھردم ھر وقت پارٽي جي لاء ھر قرباني ڏيڻ لاء تيار ھوندا آھن آصف علي تنيو ھڪ سچو جيالو آھي سندس کي نظرانداز ڪرڻ سمجھ کان ٻاھر آھي .










