ڀارت فالس فليگ آپريشن جي تياري ڪري پيو، خواجه آصف

ڀارت فالس فليگ آپريشن جي تياري ڪري پيو، خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارت فالس فليگ آپريشن جي تياري ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ڀارت ڪنهن به قسم جو ڊرامو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان جو ڀرپور جواب ايندو، جواب ۾ هنن کي ڪلڪتي تائين پهچائي اينداسين.دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته خطي ۾ امن قائم ٿيڻ گهرجي ۽ پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ اتفاق ٿيڻ ضروري آهي. هن دعويٰ ڪئي ته پاڪستاني فوج ڀارت کي جنگ ۾ عبرتناڪ شڪست ڏني هئي.خواجه آصف چيو ته ڀارت فالس فليگ آپريشن جي تياري ڪري رهيو آهي جيڪڏهن ڀارت ڪوبه ڊرامو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان طرفان انهي جو سختي سان جواب ڏنو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهڙي قسم جي جارحيت ڪئي وئي ته جواب ڏيندي ڪلڪتي تائين پهچائي اينداسين. هن چيو ته پاڪستان انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، دعا ڪريو پاڪستان پنهنجي ڪردار ۾ سرخرو ٿئي، خواجه آصف چيو ته دعا ڪريو خطي ۾ امن قائم ٿئي ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ اتفاق ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو