ڀارت: حيدرآباد ۾ سرڪاري اهلڪارن رات جو مسجد کي تباهه ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي شهر حيدرآباد جي علائقي شمشاد آباد ۾ ميونسپل اهلڪارن رات دير سان مسجد کي تباهه ڪري ڇڏيو.ميڊيا رپورٽن مطابق حيدرآباد شهر جي ميونسپل اختيارين رات جي اونداهي ۾ خواجه محمود مسجد کي پوليس جي نفري جي موجودگي ۾ شهيد ڪري ڇڏيو.بعد ۾ مسلمانن ۽ مختلف جماعتن ميونسپل آفيس ٻاهران سخت احتجاج ڪيو، جنهن تي پوليس ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس جو چوڻ آهي ته مسجد جي ڀرپاسي جي رهواسين ان جي اڏاوت خلاف شڪايت داخل ڪرائي هئي، جيڪا داخل ٿيڻي هئي، پر ميونسپل اختيارين مسجد کي ڊاهي ڇڏيو.ڀارت ۾ مجلس بچاؤ تحريڪ جي سربراهه چيو ته شهيد مسجد 3 سال اڳ ٺاهي وئي هئي جتي جمعي سميت هر ڏينهن 5 وقت نماز باجماعت ادا ڪئي ويندي هئي.ٻئي طرف آل انڊيا مسلم پرسنل لا بورڊ جي جنرل سيڪريٽري مولانا خالد سيف الله رحماني هڪ پريس نوٽ ۾ مسجد کي تباهه ڪرڻ واري عمل کي مسلمانن لاءِ انتهائي افسوسناڪ ۽ ناقابل برداشت قرار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو