پٽنا (مانيٽرنگ ڊيسڪ): ڀارتي رياست بهار جي اشوڪ دھام مندر جي ٻاهران اوچتو ڀاڄ مچڻ سبب 7 عقيدتمند فوت جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب واقعو ساچوڻ (ساون) جي ٽئين سومر جي صبح جو ان وقت پيش آيو جڏهن مندر ۾ پُوجا لاءِ ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو. پوليس اختيارين موجب شروعاتي جاچ مان شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته مندر جي حدن ۾ بجليءَ جو ٿنڀو ڪرڻ سبب ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پکڙيو, جنهن جي نتيجي ۾ ڀاڄ مچي وئي. بهار پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جا حتمي ڪارڻ ۽ اصلي وجهه سامهون آڻڻ لاءِ ڪيس جي وڌيڪ تحقيق ۽ تصديق ڪئي پئي وڃي.










