ٿر جي ڪوئلي مان بجلي جي پيداوار ۽ نيشنل گرڊ کي فراهمي اصل تبديلي جي شروعات آهي. سيد مراد علي شاهه

مٺي/عمرڪوٽ (نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي  وزير مراد علي شاهه ٿر پهچي ڪوئلي تي بجلي پيدا ڪندڙ پاور پلانٽ جو معائنو ڪيو ۽ بريفنگ ورتي. سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي نمائندن وڏي وزير کي بريفنگ ڏني. هن موقعي تي سنڌ جو توانائي وارو وزير امتياز شيخ به موجود هو.  ان کان اڳ وڏي وزير عمرڪوٽ ۾ پ پ ايم پي اي قاسم سراج سومرو سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٿر کان پاڪستان جي تبديلي جي شروعات ٿي چڪي آهي، ٿر مان 330 ميگا واٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿي چڪي آهي. وڏي وزير چيو ته احتساب جي خلاف ناهيون پر احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي، سنڌ حڪومت کي دٻاءُ ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته آصف زرداري جي نيب آڏو پيشي جي حوالي سان فيصلو ليگل ٽيم ڪندي، وڏي وزير چيو ته ڪالهه هڪڙي وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت کي ڪيرائڻ جا ٻيا به طريقا موجود آهن، آئون کيس ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته سنڌ حڪومت کي هٽائڻ لاءِ 50 ايم پي ايز گهرجن، پيپلزپارٽي جو هڪ به ايم پي اي پارٽي سان بغاوت نه ڪندو. هوڏانهن  ٿر ڪول اختيارين جو چوڻ آهي ته 660 ميگاواٽ واري بجلي گهر مان 330 ميگاواٽ جي هڪ پلانٽ ذريعي نيشنل گرڊ ۾ بجلي جي فراهمي تمام وڏي ڪاميابي آهي. پاور سپلاءِ گذريل رات تقريبا پوڻين يارهين وڳي کان شروع ٿي آهي. ٿر جي ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ وارو منصوبو مقرره وقت کان اڳ ئي مڪمل ڪيو ويو آهي. پروجيڪٽ جي هڪ عملدار احسن ظفر سيد چيو آهي ته ٿر ڪول جي حوالي سان هاڻي سمورا خدشا ختم ٿي ويا، اسين  ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪري ڏيکاري آهي. ٿر سوڌو سموري سنڌ جي ماڻهن لاءِ هي هڪ وڏي خوشخبري آهي. هن چيو ته  جون مهيني تائين ٻيو يونٽ به بجلي پيدا ڪرڻ شروع ڪندو. اينگرو عملدارن جو چوڻ آهي ته 660 ميگا واٽ جا ٻئي پلانٽ جڏهن پيداوار شروع ڪندا ته قومي خزاني کي ساليانو 1.6 ارب دالر جو فائدو ٿيندو. بجلي جي پيداوار ۽ نيشنل گرڊ ۾ فراهمي تي ٿر ڪول پلانٽ ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، چيني ۽ پاڪستاني انجنيئرز  پنهنجي ڪاميابي جو ڀرپور جشن ملهايو .

پهنجو تبصرو موڪليو