ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاهد چنا سنڌوءَ درياهه مان ڇهه نوان ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي تي (ن)ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اختلافن واري خبر کي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر قرار ڏيندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي والد آصف علي زرداري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي مسودي تي صحيح ڪري چڪو آهي، پاڻي جي معاملي کان ويندي عسڪري ادارن کي لکين ايڪڙ زرعي زمينون ورهائي ڏيڻ ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي سميت سنڌ جي سڀني مسئلن تي سنڌ جي سڀني سياسي توڙي مذهبي جماعتن ۽ سول سوسائٽي جي شديد احتجاج کان پوءِ پ پ فيس سيونگ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ۽ بيان بازي ڪري رهي آهي، جيڪڏهن پ پ واقعي ڪينالن واري مسئلي تي سنجيده آهي ته کيس سنڌ جي عوامي اُميدن موجب احتجاجي تحريڪ ۾ شامل ٿي وفاقي حڪومت کان في الفور الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ۽ صدر زرداري استعفى پيش ڪري.










