نئون ديرو(رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي پي ايس 10 تعلقه رتوديرو محترمه فريال ٽالپر صاحبه ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي مقامي پ پ پ اڳواڻ اڳوڻو تعلقه نائب ناظم محترم ايڊووڪيٽ ديدار علي ڀٽو سان والد جي وفات تي تعزيت ڪري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ ڀلند درجات لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ سهيل انور سيال, طارق خان سيال, اعجاز احمد لغاري,الله ڏنو ڀٽو, نثار مراد ڀٽو, بابر حميد ڀٽو, لالا نظر محمد پٺاڻ عبدالغفار ڀٽو, خادم حسين ڀٽو, رياض ڪنگو،حاجي راهب ڀٽو, حاجي هدايت الله ڀٽو, حاجي نسيم ڀٽو, شيردل ميراڻي ۽ ٻيا موجود هئا.










