بدين(رپورٽ مرتضيٰ ميمڻ ) بدين ۾ بيواھ پيرسن عورت جو نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ پُٽ تي 87 ڪلو چرس جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج دردرڌڪا کائڻ تي مجبور سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس کان انصاف جي گھُر. وارڊ 8 جي پيرعالي شاھ پاڙي جي رهواسي پيرن بيواھ مسمات نظيران بيواھ يوسف احمداڻي عورت جو پُٽ تي 87 ڪلو چرس جي ڪيس ٿيڻ خلاف احتجاج. پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيوآهي ته بدين پوليس 13 مهينا اڳ هڪ پٽي ڀائي اي ايس آئي محمد بخش احمداڻي جي ونگار وهندي نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ پُٽ شوڪت احمداڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري جيل موڪلي ڇڏيو آهي پيرسن عورت روئيندي چيوته منهنجو مُڙ س پوليس ۾ هو اي ايس آئي محمد بخش وارن سان نه ٺهڻ جي ڪري تلهار مان ڪيترائي سال پهرين لڏي بدين آياسين پر هُن اسان کي هتي به بخش نه ڪيو ۽ ٻين ماڻهن سان گڏ منهنجي پُٽ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي جيل روانو ڪري ڇڏيوآهي هن چيوته منهنجو پُٽ موٽر سائيڪل تي بازار ويو خبر پئي ته مٿس 87 ڪلو چرس رکڻ جو ڪيس داخل ٿي ويو صدمي ۾ منهنجو وڏو پُٽ امجد احمداڻي فوت ٿي ويو هن الزام هڻندي ڇيو ته ايس ايچ او انور لغاري مُڙس جي پينشن مان رکيل 50 هزار وٺي موٽر سائيڪل واپس ڪئي ۽ چيوته تنهنجي پُٽ کي ڪيس مان آجو ڪرايان ٿو پُٽ واپس اچڻ بدران جيل روانو ٿي ويوآهي هن چيو ته منهنجا پُٽ مزدوري ڪري گھر هلائين ٿا اسان ڪٿان ايترو چرس رکي ٿا سگھون منهنجي پُٽن تي وڌيڪ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون پيون ملن آئون انصاف لاءِ دردر ڌڪا کائڻ تي مجبور آهيان منهنجي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي هن سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين اعلى اختيارين کان گھُر ڪئي ته پُٽ تي ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ جو فوري طور موٽيس وٺي انصاف ڪيووڃي










