پي ڊي ايم ۾ امڪاني ڏار ۽ سينٽ  جي اليڪشن

پي ڊي ايم ۾ امڪاني ڏار ۽ سينٽ جي اليڪشن

تحرير حسين آزاد ميمڻ 

ملڪ جي  اقتداري سياست ۾ ٻيهر يوٽرن واري سياست جو رنگ نمايان ڏسڻ ۾ اچي پيو  جنهن موجب حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم ۾ ڏار پئجي رهيا آھن پي ڊي ايم جي تازي گڏجاڻي اندر ۾ لڪيل  ڪهاڻيون۽ خواهشون تڏهن سمهون آيو آھن جڏهن زرداري صاحب کي سنڌ جي  اقتدار  کان ڌار ٿيئڻو ٿي پيو ۽ اهو شرط پيپلز پارٽي ۽ زرداري جي سياست ۽ مزاج جي بلڪل ابتڙ آھي ڇاڪاڻ موجوده مرڪزي حڪومت جي مخالف ڌر ۾ صرف پي پي پي سنڌ صوبي ۾اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل آھي ۽ موجوده  سياسي پوزيشن مطابق اهو تجزيو ڪرڻ بلڪل آسان آھي ته جيڪڏهن عمران جي سرڪار  کي ختم ڪري نيون چونڊون ڪرايو وڃن ته پي پي پي وڏيرن سردارن ۽ خلائي مخلوق جي آشرواد  کان سواء ڪو سنڌ ۾ ٻيهر اقتدار حاصل ڪري  سگهي ٿي پر جيڪڏهن پي ڊي ايم ۽ ٻيون ڌريون گڏجي اليڪشن ڪن ته به مشڪل سان سنڌ جون سيٽون پي پي پي اقتدار  جي پوزيشن ۾ حاصل ڪري سگهي ٿي ۔ انهي ڪري آصف زرداري جو سنڌ جي  اقتدار  کي بچائڻ لاء يو ٽرن لازمي ٿي پيو آھي ۔ نيازي جي عوام سان وعدن ۽ اقرارن تان ڦرڻ ڪري  يوٽرن لفظ مشهوري ماڻي آھي پر  يو ٽرن جو سياست ۾ اثر ماضي ۾  سڀني سياسي اقتداري  پارٽين وٽ رهيو آھي ۔ عوام سان وعدا هجن سياستدانن جا پاڻ ۾  اقرار ۽ قول هجن پر يوٽرن شارٽڪٽ آھي عوام  سان دوکو ڪرڻ ۽  عوام جي خواهش بجاء عوام دشمن پاليسن کي جاري رکي  اقتدار بچائي ڦرلٽ ڪرڻ لاء يوٽرن سڀ کان وڌيڪ ڪارائتو  هٿيار  رهيو آھي ۔ماضي ۾ ميثاق جمهوريت هجي گذريل دور ۾ نواز ليگ ۽ پي پي پي جي گڏيل مرڪز ۾ حڪومت جو ڌار ٿيئڻ هجي يا ايم ڪيو ايم جهڙي تنظيم جي اڳيان گوڏا کوڙڻ ۽ ناجائز مطالبا مڄڻ جهڙا دستاويز هجن يا عوام سان ووٽن وٺڻ مهل هڪڙا وعدا وچن نعرا ۽ خوشخبريون هجن پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوء ٻئي ٻولي هجي اهو سڀ سياست ۾ جائز  هجڻ وارو  نام نهاد قول  تحت طعي ٿيندو رهيو آھي ۔ انهي روايت جو سلسلو  سالن کان پاڪستان جي سياست ۾ هلندو پيو اچي ۔ پاڪستان جي اهم  اقتداري  سياسي پارٽين  جي پاڻ ۾ لڙائي ۽ ٺاھ  مفادن جي بنياد تي هوندي آھي هر   هڪ پنهنجو  پاسو مٿڀرو ۽ سلامت رکڻ  ۽ فائدو وارو پاسي  کي ترجيح ڏئي اڳيان پير کڻڻ  ۾ رهيو آھي  ۔  ۽ هر پارٽي  اقتدار ۾ حصيدار ٿيڻ ۽ وڌيڪ حصو پتي وٺڻ لاء  سياسي چالون اٽڪلون بليڪ ميلون  ۽ مڪر جهڙا هٿيار استعمال ڪندي هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ لاء خلائي مخلوق جو آشرواد حاصل ڪيو آھي ۔ هن وقت ملڪ جي سياسي صورتحال جيڪا سينٽ جي اليڪشن کان ڪجھ ڏينهن اڳ هڪ رنگ ۾ ھئي ۽ اليڪشن کان پوء ٻي رنگ ۾ ڏسجي پئي  جنهن ۾ خصوصن پي ڊي ايم جي گڏيل مخالفت واري جدوجهد ۾ ڏار پئجي رهيا آھن  اهو به مفادن جي ترجيحات  آھي ۔ محترم آصف زرداري جي بيانن ۽ مطالبن مان لڳي ٿو ته پي ڊي ايم جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن  ۽ عمران مخالف جدو جهد پنهنجي طاقت ۽ زور وڃائي چڪي آھي زرداري جي بقول ته اسيمبلي مان استيفائون ڏيئڻ جو مطلب هوندو عمران جي حڪومت کي طاقت ڏيئڻ جڏهن مولانا فضل الرحمان جي بقول ته جيستائين اسيمبلي مان استيعفائون نه ڏينداسين تيستائين جدوجهد ۽ اسلام آباد وارو مارچ ڪامياب نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته اتحاد اقتداري لالچ کان پاسيرو ٿيندو ته عوام ۔ان ۾ وڌي چڙھي حصو وٺندو ۔ حقيقت کي ڏسجي ته پيپلز پارٽي جي ڪوشش رهي آھي ته سنڌ ۾ پنهنجو اقتدار بچائجي ۽ پي ڊي ايم سان به ساٿ هلندو رهي ڇاڪاڻ ته زرداري سمجهي ٿو ته سياسي جدوجهد اقتدار جي ڊوڙ هوندي آھي ۔ اهو اقتدار منهنجو سنڌ ۾ قائم آھي  ۽ زرداري کي هاڻ ايتري به پڪ آھي ته ڇا به ٿئي پئي پر پي پي پي جي ڪارڪردگي تحت  آئده سنڌ  ۾ اقتدار ملڻ ڏاڍو مشڪل هوندو   يا وڏن جي آشرواد سان  وڌ ۾ وڌ صرف  سنڌ ۾ ئي حڪومت ملي سگهي ٿي , تنهنڪري اهو هن وقت به موجود آھي ۽ حقيو تڪيو اقتدار  جا مزا ڇڏي وري روڊن رستن تي اقتدار لاء ڌڪا کائجن اهو بي وقوفن وارو ڪم آھي ۔ اقتداري پاليسي تحت پي پي پي سينٽ جي اليڪشن وڙھڻ تي به زور ڀريو هو  ,جنهن تي مسلم ليگ ۽ مولانا به پنهنجو رايو ڏيکاريو ته ٺيڪ آھي جي سينٽ ۾ اليڪشن ۾ فائدو ٿئي ٿو ته وٺڻ گهرجي ائين سينٽ جي اليڪشن ۾ به پي پي پنهنجو اميدوار يوسف رضا  گيلاني صاحب بيهاريو ۔ جنهن ۾ زرداري کي پڪ هئي تي پنهنجي هارس ٽريڊينگ ۽ نيوٽرل واري وقتي آشرواد واري تجربي کي استعمال ڪندي  اليڪشن کي پنهنجي پاسي ڪري سگهجي ٿو پر ڪجھ شروعاتي ڪاميابي کان پوء ايئن نه ٿي سگهيو آھي,  جنهن جي اندر  جي ڪهاڻي  پي پي پي جي طرفان  مسلم ليگ جي سينيٽرن جو ووٽ صحيح ڪاسٽ نه ٿيئڻ  سمجهيو پيو وڃي , جن ۾ اسحاق ڊار جو ووٽ نه ڏيئڻ خدشن کي وڌائي ڇڏيو آھي  ۔ ڪجھ تجزئي نگار اها به ڳالھ ٿا ڪن ته نواز ليگ جي دلي خواهش ھئي ته پي پي جو اميدوار سينيٽ جو چيئرمن نه ٿئي ڇاڪاڻ ته زرداري اقتداري لالچ جو ماڻھو آھي ان کي جي سينٽ جي چئيرمني ملي وئي ته اهو نيازي جو ڀاء بنجي اقتدار جا مزا وٺندو ۽ پي ڊي ايم جي هلندڙ جدوجهد عمران خلاف ڪمزور ٿي ويندي جنهن جو زرداري پنهنجي تازي بيان ۾ اسحاق ڊار جو ووٽ نه ڏيئڻ وارو ڏوراپو به ڏنو آھي ۔ بهرحال   آصف  زرداري جا مطالبا نوازشريف کي ملڪ ۾ آڻڻ ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ سندس پارٽي مان هئڻ ۽ نواز شريف کي مختلف ڏوراپا ڏيئڻ ڇا هن سياسي ماحول ۾ جائز يا صحيح ھئا ؟ اهو پي ڊي ايم جي اتحادي جي صورت ۾ قطعي ناجائز آھن ۔ ڇاڪاڻ جڏهن سينيٽ جي چيئرمين واري اليڪشن ۾ ناڪامي کان پوء سياسي مفادن جي راند وارو  باب کلي طرح عوام جي سامهون اچي چڪو آھي ته پي پي پي پنهنجي سنڌ واري اقتدار  تان دستبردار ٿيڻ لاء تيار نه آھي بلڪ ان جو پي ڊي ايم ۾ رهي وڌيڪ اقتدار حاصل ڪرڻ مقصد آھي ۔ لڳي ايئن ٿو ته شايد پي پي پي کي ڪنهن امپائر کان سندس مفادن جو پڪيج  مليو هجي ۽ پي ڊي ايم ۾ اختلاف وڌائڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ  جو ٺيڪو ڏنو هجي جنهن تحت يو ٽرن ورتو ويو آھي ۔ سنڌ  جي عوام سمجهي ٿو ته موجوده حڪومت جي منهگائي ۽ عوام دشمن پاليسن مان نجات ڏيارڻ لاء پي ڊي ايم جهڙو جمهوري ۽ سگهارو آواز مظبوط هئڻ گهرجي ۽ اقتدار جي ڪرسي کان وڌيڪ ترجيح عوام مفادن  کي ڏيڻ گهرجي ۽ عوام  مٿان پيل منهنگائي  جو بوجھ بي روزگاري  ۽ ڪرپشن جو آزار  ختم ڪرڻ لاء ھئڻ گهرجي ۔

پهنجو تبصرو موڪليو