ليکڪ اعجاز ممنائي
ضلعو نوشھرو فيروز وڏ عرصي کان پاڪستان پيپلز پارٽي(PPP) ۽ نيشنل پيپلز پارٽي(NPP) جي مدمقابل رهيو آھي سياسي تاريخ جا لاھا چاڙھا به تاريخ جو حصو هجن ٿا انڪري اهو چوڻ ۾ وڌاء نه ٿيندو ته ماضيء ۾ هيء ضلعو پيپلزپارٽي جو قلعو رهيو آھي جڏهن غلام مصطفيٰ خان جتوئي پيپلز پارٽيء جو سرواڻ ھو تڏهن ان جي مقابلي ۾ ڪابه مضبوط سياسي طاقت سندس سامهون نه هئي پر جڏهن پاڻ پ پ پ کان ڌار ٿي NPP جو وجود عمل ۾ آندو تڏھن به سواء هڪ ٻن تڪن جي اڳتي نه وڌي سگهيو ان جو سبب اهو هو جو اهي درٻاري ۽ ڊرائنگ روم جي سياست کان ٻاهر نه نڪتا اهوئي سبب آھي جو اڄ به جھور سياستدان ۽ پ پ جا پراڻا جيالا پيپلز پارٽيء سان سلهاڙيل نظر اچن ٿا۔خود جنرل ضياء جي مارشل لا ۾ جتوئي خاندان پيپلز پارٽيء ۾ ھجڻ ڪري ايم آر ڊي تحريڪ ۾ بيحد قربانيون ڏنيون۔ ائين وقت گذرندي سياست جا رنگ ۽ روپ به مٽجڻ لڳا 1988ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي آمد تي سڄي سنڌ جيان نوشھرو فيروز ضلعي اندر به بيحد تبديليون آيون ۽ وڏا وڏا سياسي بٽ ڊهي پٽ پئجي ويا خاص طور تي جتوئي خاندان جي سياست گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويئي ۽ رحمت الله بهڻ جهڙو سادو ماڻهو چونڊ کٽي انقلاب برپا ڪري ڇڏيو ائين نوشھروفيروز ضلعو پيپلز پارٽيء جو قلعو ثابت ٿيو پر وقت جي وير اهڙي وري جو ان قلعي جو ڪو ڌڻي سائين نه رھيو جنھن ڪري ضلعي جا اڪثر ووٽر ۽ ڪارڪن بي سھارا ٿي مخالفن جي ظلم جي عتاب ھيٺ رھيا ڪجهه ماڻهن پنهنجون سياسي وابستگيون تبديل ڪرڻ شروع ڪيون ۽ ٻيهر ساڳي پارٽيء ۾ اچي پاڻ کي سختين ۽ انتقامي ڪاروائين کان بچائي ورتو پر دلي طور پ پ پ سان وابستگي رهي جنهن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽيء ملهار خان راڄپر جهڙي سادي ۽ مخلص شخص کي ايم پي اي چونڊرائي هڪ ٻيو مثال قائم ڪيو جنهن علائقي جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن سان ويجهڙائپ رکي سندن دردن جو درمان ڪيو ضلعو نوشھرو فيروز ۾ درٻيلو، ڀريا، ڪنڊيارو ۽ هالاڻي جي سيدن جو ڳچ عرصو پيپلز پارٽيء سان وابسته رهيو آھي جنهنڪري درٻيلو جو سيد ظفر علي شاهه قومي اسيمبليء جو ڊپٽي اسپيڪر،سيد احمد علي شاهه ايم پي اي ۽ سيد اصغر علي شاهه ايم اين اي چونڊبا رهيا آھن جڏهن ته ڀريا جا سيد مراد علي شاهه ۽ سيد نور محمد شاهه پڻ ايم پي اي ٿيندارهيا آھن جڏهن ته ڪنڊيارو جو سيد سرفراز علي شاهه ٻه ڀيرا ايم پي اي ۽ سيد ابرار شاهه هن ڀيري ايم اين اي آهي۔ هن وقت ضلعي جي پنجن ئي تعلقن ۾ پيپلزپارٽي جا نعرا ۽ جھنڊا لڳل نظر اچن جنهن مان محسوس ائين ٿو ٿئي ته هن ضلعي ۾ ٻي ڪنهن به پارٽيء جونالونشان ئي مٽجي ويو آھي ڇوته پ پ پ هڪ ٻئي ڪارڪن عبدالحق ڀرٽ کي صوبائي وزير جي سيٽ تي نامزد ڪرائي ٻه ڀيرا وزير بڻايو جنهن پڻ ذوالفقار علي ڀٽو وانگر عوام جي دلين تي حڪمراني ڪئي ۽ باباء ورڪر جو خطاب ماڻيو پر وقت گذرندي خالص پيپلز پارٽيء جو جيالو سڏرائڻ عيوض ايم پي اي جي ٽيهر سيٽ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ان لاء آصف علي زرداري سندس ڳوٺ به پهتو پر سندس هڪ به نه ٻڌي ۽ پ پ پ پاران سيٽ نه ڏيڻ تي آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهيو ۽ هارائي ويو پر پاڻ سميت سندس پوئلڳ پ پ پ سان وابسته رهيا آھن پر درٻيلو جا سيد موجوده پ پ پ کي زرداري ليگ جو نالو ڏيئي سندس مخالفت ۾ آواز بلند ڪندا رهيا آھن پر پيپلز پارٽيء جي مقابلي ۾ سندن آواز سگهارو نه ٿي سگهيو آھي انجو سبب سياسي غير سنجيدگي ۽ عوام جي مسئلن کان دوري ئي چئي سگهجي ٿو
سڀ کان وڏي ڳالهه اها آھي جو ضلعي اندر جيڪو به پيپلز پارٽيء جو ماڻهو ميدان تي لٿو ھو ان ڪڏهن به باقاعده سان پيپلزپارٽي جي ووٽرن ۽ ڪارڪنن جي مالڪي نه ڪئي آھي ان جي باوجود ڀٽو جو عزم ۽ سياسي منشور ايترو ته سگهارو آھي جو مخالف پارٽيء جا حمايتي به پ پ پ سان گڏ بيهڻ لاء تيار ٿي وڃن ٿا موجوده وقت ۾ به جڏهن عام ڳوٺاڻي يا پ پ پ قيادت کان پاسيرو ٿيل پراڻن جيالن ۽ ڪارڪنن سان ڪچھري ٿيندي آھي ته اهي اڪثر اهو چوندي نظر اچن ٿا ته اسان جي رڳ رڳ ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو،سندس فرزندن ۽ شھيد راڻيء جو خون ڊوڙي رهيو آھي تنهنڪري سندن مخالفن کي اسان پنهنجو مخالف سمجهون ٿا تاريخ جي ورقن ۾ اها حقيقت روشن سج جيان عيان نظر ايندي ته ضلعي اندر پيپلز پارٽيء جي اميدوار هر چونڊ ۾ هر تڪ تي ھزارين ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي آھي جيڪڏهن ڪٿي کيس ٿوري ناڪامي ملي آھي ته چند سئو ووٽن جو فرق هوندو ان کي ڪڏهن به شڪست نه ٿي چئي سگهجي مطلب ته اڄ به ضلعو نوشھروفيروز پيپلز پارٽيء جو ڳڙھه آھي ڪوبه مخالف پيپلزپارٽي کان ڪڏھن به آزاديء سان ڪا چونڊ کٽڻ جو سوچي به نه سگھيو آھي ۽ پيپلز پارٽي ضلعي جي عوام جي دلين تي راج ڪري رھي آھي
هن وقت مورو، نوشھروفيروز، ڀريا، ڪنڊيارو ۽ محرابپور تي پيپلز پارٽي ڇانيل آھي ممتاز علي چانڊيو، سيد مراد علي شاهه، سيد سرفراز علي شاهه سنڌ اسيمبليء جا ميمبر آھن جڏهن ته سيد ابرار شاهه ۽ ذوالفقار علي بهڻ ايم اين اي آھن جيڪي ضلعي جي سياست ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي نظر اچن ٿا کين سياست جو مسيحائي چئجي ته غلط نه ٿيندو جن عوام جي دردن ۽ انھن جي احساس کي سمجھڻ جي نه صرف ڪوشش ڪئي آھي پر انھن کي حل ڪرڻ لاء به اڳتي وک وڌائي آھي انجي باوجود ضلعي جي تقريبن سمورن شھرن جو انفرااسٽڪچر مڪمل طور تباهيء ڪناري پهتل آھي جنهنڪري شھرن جي ڊرينيج جو نظام درهم برهم لڳو پيو آھي ان جو وڏو سبب آباديء جو دٻاء آھي جنهن کي گهٽائڻ موجوده حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي۔ نوشھرو فيروز ضلعو پ پ جو قلعو ضرور آھي پر پ پ پ مھانگائي، بيروزگاري، بدامني، اسپتالن جي بري حالت، تعليم جي تباهيء خلاف ڪڏهن به سنيدگيء سان قدم نه کنيو آھي بلڪه پنهنجي سياست چمڪائڻ لاء وفاق جي خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي بار بار احتجاج ڪندا رهيا آھن اسانجا جيالا به ساڻن ڪلهوڪلهي سان ملائي بيٺل نظر ايندا آھن ڪجهه ڏينهن اڳ ضلعي هيڊ ڪوارٽر جا اهم چوڪ پاڻيء جي تلاء جا ڏيک ڏيئي رهيا هئا شھر جو مين الله چوڪ ٻن مهينن تائين گندي پاڻيء هيٺ رهيو مٺياڻي روڊ ٻن سان کان درياء جو ڏيک ڏيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو هر ايم پي اي، آفيسر ۽ عدليه جا جج صاحبان شهر جي اهم شاهراهه کي ڏسندي به ڪو قدم کڻڻ لاء تيار ناهن۔ پيپلز پارٽي سنڌ اندر اقتدار هوندي ضلعي نوشھروفيروز جي عوام لاء ڪا خاص سهولت يا تفريحي مرڪز قائم نه ڪري سگهي آھي ان جي باوجود هر احتجاجي ڪئمپ ۾ عوام جو ھجوم اهو ٻڌائي ٿو ته هو پيپلز پارٽيء سان گڏ آھن ھن وقت جڏھن بلاول ڀٽو زرداريء پاران مھانگائي خلاف عوامي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ويو آھي ته نوشھروفيروز اھو واحد ضلعو هوندو جتي سڀ کان وڌيڪ احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ويندو شاهپورجهانيان کان وٺي مورو تائين لانگ مارچ جي قائدين ۽ شرڪاء جو شاندار استقبال ڪرڻ جون تياريون عروج تي آھن جتي هڪ رات ترسڻ بعد صبح جو مارچ ايم اين اي ذوالفقار علي بهڻ جي شھر ڌيرڻ کان ٿيندو نوشھروفيروز ۾ ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو جي تڪ ۾ داخل ٿيندو جتي پڻ سندس عظيم الشان استقبال ڪرڻ جون تياريون جاري آھن ائين وري ايم پي اي سيد مراد علي شاهه جي شهر ۽ تڪ ڀريا ۾ داخل ٿيندو جتان پڻ شايان شان طريقي سان آجيان ٿيندي ۽ عوامي لانگ مارچ ايم پي اي سيد سرفراز شاهه ۽ ايم اين اي سيد ابرار شاهه جي تڪ ۾داخل ٿيندو جتي پڻ ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جون تياريون هلندڙ آھن انهيء سڄي سفر ۾ کوڙ ساريون ڪارنر گڏجاڻيون به ٿينديون ان سلسلي ۾ عوامي رابطه مهم به تيزيء سان جاري آھي جنهن جي نگراني ڊويزنل اڳواڻ ضياء الحسن لنجار ڪري رهيو آھي جنهن پنهنجون سموريون سرگرميون عوامي لانگ مارچ لاء وقف ڪري ڇڏيون آھن هر حال ۾ 27 فيبروري جي لانگ مارچ کي ڪامياب ڪرڻ لاء ڪاميٽيون تشڪيل ڏيئي ڇڏيون آھن مطلب ته پيپلز پارٽيء جو هر جيالو طوفان وانگر تيز ٿي ڪم ڪري رھيو آھي خاص طور تي پارٽيء جا ضلعي ۽ تعلقي جا اڳواڻ ڏينهن رات جاکوڙي رهيا آھن جنهن ۾ فيروز احمد جمالي،سهيل اختر عباسي،خالد مسعود چنه، خان محمد اعواڻ،دوست علي سولنگي، خليفه شڪيل احمد ميمڻ، ڊاڪٽر نور حسين مورو، ايڊوڪيٽ اشفاق علي تڳر، سيد ظھير حسين شاهه، عبدالڪريم تڳر ۽ ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پنھنجي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو پيغام کي جھرجھنگ ۾ پھچائي ماڻهن کي لانگ مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ لاء آماده ڪري رھيا آھن جنھن مان اھو ظاھر ٿئي ٿو عوامي لانگ مارچ ۾ نوشھرو فيروز ضلعو سنڌ جي مڙني ضلعن مان سڀ کان وڌيڪ اڳڀرو رھندو ۽ انهيء طوفاني عوامي لانگ مارچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گهڻا بت ڊھي پٽ پئجي ويندا ۽ سنڌ جا رهيل وڏيرا ۽ سرمائيدار هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلز پارٽيء ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جو ضرور سوچيندا۔ انڪري بلاول ڀٽو کي گهرجي ته ان عوامي لانگ مارچ ۾ پنهنجي ماء محترمه بينظير ڀٽو وانگر ايم پي اي ۽ ايم اين اي جو احتساب به ڪندو وڃي جنهن ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي ناقص ڪارڪردگي هجي تنهن کي ٻيهر ٽڪيٽ نه ڏيئي ۽ عوامي ردعمل جو خاص خيال رکي۔










