پي پي جو لانگ مارچ ۽ سياسي ملاقاتن ۾ تيزي

پي پي جو لانگ مارچ ۽ سياسي ملاقاتن ۾ تيزي

ليکڪ عبدالمجيد بروهي

پ پ پ  پاران پوري سنڌ سميت پاڪستان جي هر ننڌي وڏي شهر ۾ نيازي حڪومت کان ملڪ جي عوام کي نجات ڏيارڻ جي لاء جيالن پاران تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ان سلسلي ۾ پ پ پ  پاران لانگ مارچ جو روڊ ميپ پڻ جاري ڪيو ويو آهي لانگ ۾ صرف سنڌ مان سکر پهچڻ تائين لکين ماڻهون شامل ٿي سگھن ٿا ان سلسلي ۾ هر تعلقي مان پنج سئو جيالا عهديدار همدرد ووٽر ۽ ڪارڪن شامل ٿيندا ان بعد پنجاب جي جيالن جو جوش ۽ جذبو پڻ وڌي چڪو آهي پنجاب جو عوام جنهن ۾ سندس ئي پي ٽي اء جا ووٽر شامل آهن اهي پڻ جيالن سان گکجي هن نااهل ۽ عوام دشمن حڪومت مان نجات حاصل ڪرڻ جي لاء لانگ ۾ شامل ٿيڻ جي لاء تياري ڪري چڪا آهن هوڏانهن ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان مان به هزارين گاڏين جا قافلا لانگ مارچ ۾ شامل ٿيندا اهي امڪان آزاد ذريعا ڏيکاري رهيا آهن  ته اسلام آباد پهچڻ شرط پنجاهه لک کان وڌيڪ جيالا پ پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ لانگ مارچ ۾ شامل ٿي نيازي کي گڙ ڀيڙو ڪري پوء پوئتي ورندا ان کان علاوا پاڪستان جي صف اول جي سياستدانن ۾ ڪجھ ڏينهن کان رابطا تيز ٿي چڪا آهن ڪجه ڏينهن اڳ اهي صف اول جا سياسي پنڊت لاهور ۾ ديرو ڄمائي هڪ ٻئي کان ورهين کان ناراض سياستدانن سان ملاقاتون ڪري چڪا آهن انهن ۾ ق ليگ جي سربراهه سان چوڏنهن سالن بعد سندس جي پراڻي ويجھي دوست مسلم ليگ جي صدر شهباز شريف پاران ملاقات کي پڻ سياسي تجزيي نگار اهم قرار پيا ڏين جن سان پڻ معاملا طئي ٿي چڪا آهن پر ق ليگ پاران فلحال واضح ڪو به اعلان ناهي ڪيو ويو پر لڳي ائين پيو ته اهي عمران خان جي ٻڏندڙ ٻيڙي ۾ ويهڻ کان بهتر اهو سمجھندا ته مستقبل ۾ پڻ اهي پنهنجي پراڻن ناراض دوستن سان گڏجي ويهي حڪمراني ڪن جنهن ۾ مرد  مجاهد آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان سندن جا گارنٽيئر آه جيڪي مسلم ليگ ن سان سندن هڪ ڀيرو ٻيهر دوستي ڪرائي چڪا آهن هوڏانهن پي ٽي آء جي ناراض مرڪزي اڳواڻ ان مرڪزي اڳواڻ جنهن پنهنجو جهاز ۽ پئسو استعمال ڪري عمران خان کي آزاد ايم اين ايز پنهنجي جهاز ۾ ويهاري کڻي اچي عمران خان کي ڏيندو رهيو ۽ ان جي مدد سان عمران خان وزيراعظم بڻيو هيو اهو جهانگير ترين هن وقت انهن آزاد ايم اين ايز ۽ ڪجھ ناراض پي ٽي آء جي ايم اين سان گڏجي عدم اعتماد جي تحريڪ ۾ اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ جي لاء تيار ٿي چڪو آهي ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريان ان سان مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف ۽  پي ڊي ايم ۽ جي يو آء جو سربراه مولنا فضل الرحمان ملاقات ڪري حمايت جي لاء تعاون گڙي چڪا اهن ان بعد پ پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو پڻ ان سان ملاقات ڪري چڪو آهي جنهن کين هڪ هفتي جي مهلت گرندي ساٿ ڏيڻ جي يقين دهاني ڪرائي آهي ان کان علاوا هن وقت ٽيهه کان مٿي پي ٽي آء جا ايم اين ايز پڻ ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته اهي ن ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي لاء تيار آهن جيڪي پي ٽي آء کي الوداع ڪري مسلم ليگ ن ۾ سامل ٿيندا ۽ فلحال فارورڊ يا پريشر بلاڪ اهي اپوزيشن جو ساٿ ڏيندا ان بعد جيڪڏنهن انهن خلاف الڪيشن ڪميشن پاران ڪو ايڪشن کنيو ويو ت. انهن کي پري اپوزيشن پارٽين وارا سپورٽ ڪري مسلم ليگ ن جي ٽڪيٽ ٻيهر چونڊرائي قويم تيزي سان جاري آهي اڄ پ پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولان فضل الرحمان ۾ اهم ملاقات رٿيل آهي جنهن ۾ آئندا جي حڪمت عملي بابت اهم فيصلو ڪيو ويندو جنهن بعد پي ڊي ايم جو اجلاس ڪوٺائي بي اعتمادي آڻڻ جو اعلان ڪري تاريخ جو اعلان پڻ ڪيو ويندو جنهن ۾ تمام اپوزيشن پارٽين جي ايم اين ايز کان صحيح وٺي جمع ڪرائي ويندي

پهنجو تبصرو موڪليو