ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اسد عمر ۽ شيرين مزاري جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ڊي جي آئي ايس پي آر هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آئي جي سازش ٿيوري رد ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آئي جو بيانيو ڪوڙو هجڻ بابت آئي ايس پي آر جو بيان حرف آخر آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته ادارن پاران جانچ کان پوءِ ئي ڊي جي آئي ايس پي آر اهو بيان ڏنو آهي. پي ٽي آئي وارا پنهنجو بيانيو ڪوڙو ثابت ٿيڻ تي آخر ادارن تي ڇو ڪاوڙيل آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽِي آئي جي ڪوڙي بيانيي کي ادارا ڪيئن سھي چون ؟ سڀني کي خبر آهي ته سازش وارو خط ڪنهن لکرايو. هن چيو ته زبردستي ڪوڙ کي سچ نٿو چئي سگھجي. پي ٽي آئي وارا پنهنجي ڪوڙي بيانيي کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ ادارن کي نشانو نه بڻائين. هن چيو ته پي ٽي آئي حڪومت پرڏيهي سازش سان نه پر پنهنجي نااهلي جي ڪري ختم ٿي آهي. سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته پاڪستاني معيشت تباھ ڪرڻ جو آسڪر ايوارڊ عمران خان کي ملڻ گھرجي. هن چيو ته پوري قوم عمران خان جي دٻڻ مان ملڪ کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.










