پي ٽي آئي جو 12 نومبر تي ڪراچي ۾ پاور شو جو فيصلو

پي ٽي آئي جو 12 نومبر تي ڪراچي ۾ پاور شو جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف 12 نومبر تي ڪراچي ۾ وڏي سياسي پاور شو جو فيصلو ڪيو آهي. تفصيل موجب پي ٽي آءِ ڪراچي ڪابينا وڊيو لنگ جي ذريعي اجلاس ۾ 12 نومبر تي جلسي جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف ڪراچي جي اهم ذميوار عهديدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ ڪابينا پاران فيصلو ڪيو ويو ته عوامي پاور شو نومبر جي ٻي هفتي ۾ ڪيو ويندو. ڪراچي ڪابينا جي مشاور سان جلسي جي تاريخ 12 نومبر ۽ هنڌ گلستان جوهر ملنيم مال طئي ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪابينا ميمبرن جلسي جي اجازت لاءِ لاڳاپيل انتظاميا سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪابينا ميمبرن جلسي جي ڀرپور ڪاميابي جو عزم جو اظهار ڪندي پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ ڪراچي جي عوام جي دلين تي حڪمراني ڪري ٿي. مخالف پارٽين ڪراچي فتح ڪرڻ جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. تاريخي جلسو پي ٽي آءِ جي سياسي مخالفن جي تابوطن ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چئني صوبن جي نمائيندا جماعت آهي. ڪراچي جو عوام تيار ٿي وڃي. مخالفن کي ٻڌايو ته توهان پنهنجي حقيقي ليڊر سان گڏآهيون. سخت حالتن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين اڪيلو ناهي. ڪراچي جو عوام هر مشڪل حالتن ۾ به تحريڪ انصاف جي هر ڪال تي لبيڪ چيو آهي. اجلاس جي صدارت پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر خرم شيخ ضمان ڪندي چيو ته راشد منعاس روڊ تي اسان جو جلسو نه رڳو پاڙٽي اندر به اتحاڪ جو هڪ شاندار مظاهرو هوندو. پر اسان لاءِ عوام جو اسان سان جڙڻ جو هڪ موقعو به هوندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪراچي شهر جي لاءِ هڪ ترقي ۽ خوشحالي ڏيڻ لاءِ پر عزم آهي. اسان ڪراچي جي ماڻهن پاران رد عمل جا منتظر آهيون، خرم شير زمان وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ڪراچي باضبطا طور تي ڪمشنر ڪراچي کي هڪ درخواست جمع ڪرائي آهي. جنهن ۾ اسان جي ايندڙ پروگرام جي اجازت گهري وئي آهي. هن چيو ته اسان هاڪاري جواب ملڻ لاءِ پر اميد آهيون. ڇو ته اهڙي طرح ٻين سياسي پارٽين کي به اليڪشن مهم جي اجازت ڏني وئي آهي. جن پنهنجي چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. خرم شيخ زمان وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ڪراچي جي سمورن شعبن سان تعالق رکندڙ ماڻهن کي هن عظيم الشان جلسي ۾ دعوت ڏئي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو