دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) پي ٽي آءِ جا نااھل حڪمران نه پاڻ ٿا ڪم ڪن نه ئي وري ٻئي ڪنھن کي ڪرڻ ٿا ڏين گئس جي پيداوارسنڌ مان ٿئي ٿي پر سنڌ جا رھواسي گئس جھڙي سھولت کان محروم آھن اسين وفاق کان پنھنجو جائز حق کسي وٺنداسين. سليڪٽڊ نا اھل حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ عوام پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شرڪت ڪري ڪامياب ڪري. اھڙي خيالن جو اظھاروڏي وزير سيد مراد علي شاھ دادوجي ڳوٺ دوست محمد رند پھچي مرحوم محراب خان جي سئوٽ پ پ پ اڳواڻ علي نواز رند سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ھن چيو ته پي ٽي آءِ ڀلي منهنجي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻي، کين شڪست نصيب ٿيندي، پ پ پ قيادت جي مرضي سان ئي سنڌ ۾ وڏو وزير ايندو، وڏي وزير مراد علي شاهه سينيٽ اليڪشن بابت آرڊيننس کي کِل جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته آرڊيننس سپريم ڪورٽ کي صدارتي ريفرنس تي فيصلو ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش آهي، سپريم ڪورٽ کي وفاقي سرڪار خلاف نوٽيس وٺڻ گهرجي، ٻڌو آهي ته عمران خان ميمبرز طرفان ووٽ نه ملڻ جي خوف ۾ آرڊيننس آندو آهي، ٻئي طرف دادو ڀرسان ڳوٺ لطف علي ڀنڊ پھچي پ پ پ جي جيالي مرحوم حمزو خان ڀنڊ جي وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزيرسيد مراد شاھ چيو ته ملير سوڌو دادو ۽ ٻين علائقن ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن ڪيا پيا وڃن، ملير آپريشن کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي پئي وڃي، حليم عادل شيخ طرفان والد کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ تي افسوس ٿيو، حليم عادل وارن پولٽري ۽ زرعي مقصد لاءِ ليز تي ورتل زمين مٿان فارم هائوس ٺاهيو هو، ليز تي ورتل زمين تي ڪاروباري سرگرميون نٿيون ڪري سگھجن، ملير انتظاميا اهڙي عمل خلاف حرڪت ۾ آئي آھي ڪوشش آھي ته جلدي سنڌ جي ماڻھن کي ڪرونا کان بچاءَ ويڪسن لڳڻ گھرجي سڄي ملڪ لاءِ صرف 5 لک انجيڪشنون مليون آھن. ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سڌي ڳالهه آھي ته ھڪ نااھل ۽ ناڪام ماڻھون وزير اعظم آھي اھو ھٽندو ته ڪابه گڙ ٻڙ نه ٿيندي، ان موقعي تي ايم اين اي سردار سڪندر راھپوٽو سيد آصف شاھ ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.










