ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ لاءِ لابسٽن کي اربين رپيا ڏنا آهن.احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته بي آر ٽي منصوبو شهرين کي رليف ڏيڻ لاءِ شروع ڪيو ويو آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دشمني پاڪستان سان آهي. پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي عالمي سازش ٿي رهي آهي پر اسان جا سمورا ادارا مضبوط آهن.ان ڪري سازش ڪامياب نه ٿيندي.اهي اربين رپيا ڏئي پاڪستان کي نشانو بڻائي رهيا آهن.سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ جو هر اڳواڻ الڳ بيان ڏئي رهيو آهي. پي ٽي آءِ احتجاج جي رٿابندي ڪري ٿي جڏهن ٻاهرين ملڪ مان ماڻهو اچي رهيا آهن.هن چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستان خلاف لابنگ ڪندڙن کي اربين رپيا ڏنا آهن.اهي لابي سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي بدنام ڪري رهيا آهن. پي ٽي آءِ پاڪستان جي امداد روڪڻ لاءِ آءِ ايم ايف کي خط لکي ڇڏيو.هن چيو ته پي ٽي آءِ کان ڪنهن کي به خوف ناهي.سنڌ ۾ ڪا به گرفتاري ناهي ٿي، هتي پي ٽي آءِ ناهي، اسلام آباد ۾ لاشن جي نالي تي سياست ڪري رهيا آهن، ڪوڙ جي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته گنڊا پور اسيمبلي فلور تي چيو ته هٿيار ۽ پيسا آهن، وڙهنداسين، هي ڪير وڙهڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن؟ جيڪڏهن توهان کي وڙهڻو آهي، دهشتگردن سان وڙهڻو آهي ته، توهان حڪومت سان وڙهڻ لاءِ هٿيار ڪيئن کڻندا؟ ان کان وڌيڪ ڪو به غير ذميواراڻو بيان نٿو ٿي سگهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت پاڻ نه ٿي چاهي ته پي ٽي آءِ جا باني جيل مان ٻاهر اچن.سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته پيپلز پارٽي جو پاڻي جي معاملي تي واضح موقف آهي.هن چيو ته سنڌ حڪومت روٽي، ڪپڙو ۽ مکان جو واعدو پورو ڪري رهي آهي. 21 لک گهر ٺاهي رهيا آهن، 10 لک نوجوان آئي ٽي ڪورس ڪري رهيا آهن. آءِ ٽي جي حوالي سان اسان ٿورو پوئتي آهيون، آءِ ٽي جا ڪورس ڪراچي، ڄامشورو ۽ سکر ۾ ڪرايا ويندا. شرجيل ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽ ۾ ييلو لائين ۽ بي آر ٽي تي ڪم جاري آهي.










