راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ آزاد ڪشمير جي احتجاج ڪندڙن سان گڏ آهي.اڊيالا جيل راولپنڊي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم آءِ ايم ايف پروگرام تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي، پي ٽي آءِ جي باني چيو ته اهو عوام تي بار هوندو.هن چيو ته سياسي پارٽي خلاف طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ آزاد ڪشمير جي احتجاج ڪندڙن سان گڏ آهي.










