اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبرن بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي راءِ ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ ميمبرن بجيٽ تي اعتماد ۾ نه وٺڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو.ذريعن موجب پ پ ميمبرن پي ايس ڊي پي کي اعتماد ۾ نه وٺڻ تي به خدشن جو اظهار ڪيو.










