پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ محدود واڌ تمام ڏکيو ڪم آهي

پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ محدود واڌ تمام ڏکيو ڪم آهي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته عالمي بحران دوران حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ محدود واڌ هڪ تمام ڏکيو ڪم آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پيغام ۾، خواجه آصف پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ کي محدود قرار ڏنو ۽ چيو ته ان لاءِ اڳواٽ منصوبابندي، رابطي ۽ انتظامن جي هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي، جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه نه ڪيو وڃي ها ته اڄ پيٽرول 375 رپيا في ليٽر هجي ها. هن چيو ته آبنائي هرمز جي بندش سبب ڪجهه ڏينهن ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون آسمان کي ڇُٽي ويون آهن ۽ وچ اوڀر ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال عالمي معيشت کي ڌُڏي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو