پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيندو: وزير

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيندو: وزير

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل خبردار ڪيو آھي تھ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آھي نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته پيٽروليم شين تي سبسڊي وڌيڪ ختم ڪئي ويندي، مفتاح اسماعيل اهو به چيو ته پيٽروليم سبسڊي تي فيصلي ۾ دير سان قومي ناڻي کي 135 ارب رپين جو نقصان پهتو روس سان سستو تيل جي معاملي جي حوالي سان مفتاح اسماعيل چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت روس سان ڪو به معاهدو نه ڪيو هو، حماد اظهر جي خط جو ماسڪو کان ڪو به جواب ناهي آيو ھن چيو تھ نئين حڪومت جي ڪوشش هوندي ته روس کان ڪڻڪ گهري وڃي ۽ جيڪڏهن روس ڪو نئون رستو ڪڍيو تھ ان کان سستو تيل بھ خريد ڪري سگھجي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو