ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار پينشن رڪارڊ کي مڪمل ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي . چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پينشن کي مڪمل ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي .چيف سيڪريٽري ريٽائرڊ آفيسرن جي استعمال هيٺ سرڪاري گاڏين جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن . ڊپٽي ڪمشنرز کي سرڪاري زمينن تان حددخلتون هٽائڻ جي هدايت ڪيون ويون آهن. اجلاس ۾سيڪريٽريز ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پلاننگ بورڊ، اينٽي ڪرپشن چيئرمين سميت سمورا سيڪريٽري شريڪ ٿيا اجلاس ۾ اينٽي ڪرپشن ڪيسن، ترقياتي منصوبن، ملازمن جي پينشن ۽ پروموشن تي غور ڪيو ويو.










