مٺي(رپورٽر) مٺي شهر جي مختلف ڪالونين ۾ مٺي پاڻيءَ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو. پبلڪ هيلٿ انجيئرنگ جي انتظاميا خلاف وجي ساگر، ديوان ۽ موهن جي اڳواڻي ۾ ڪنڊي اسٽاپ بائي پاس تي ڌرڻو هنيو ويو. شهري پاڻي نه ملڻ خلاف مٺي ٻائي ڪنڊي اسٽاپ تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھو ته گذريل ٻه مهينن کان پاڻي بند آهي، انتظامیہ پاڻي بند ڪيو ويو آهي، پبلڪ هيلٿ انجيئرنگ انتظاميا من پسند ڪالونين کي پاڻي ڏئي رهي آهي، اسانجا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، ڌرڻي سبب ٿرڪول ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، گاڏين جو قطارون لڳي ويون.










