پشاور: (ويب ڊيسڪ) شوال جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ غير سرڪاري رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس مفتي شهاب الدين پوپلزئي جي صدارت هيٺ مسجد قاسم علي خان ۾ ٿيندو.خيبرپختونخواهه ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ سرڪاري زونل ڪميٽي جو اجلاس اوقاف هال ۾ ٿيندو. جڏهن ته غير سرڪاري رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس به اڄ ئي طلب ڪيو ويو آهي.غير سرڪاري رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس مسجد قاسم علي خان ۾ طلب ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف عيدالفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندو.چيئرمين ڪميٽي مولانا عبدالخبير آزاد جي سربراهي ۾ اجلاس مذهبي معاملن واري وزارت ۾ ٿيندو جنهن ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ شهادتون وصول ڪيون وينديون. اجلاس ۾ ڪميٽي جا ميمبر، موسميات کاتو، سپارڪو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جون اختياريون شريڪ ٿينديون. زونل رويت هلال ڪميٽين جا اجلاس مقرر هنڌن تي ٿيندا. چيئرمين مرڪزي رويت هلال ڪميٽي شوال جو چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ جو اعلان ڪنديون.










