پوليس هٿان موت جو کاڄ بڻيل گهوٽ؟

پوليس هٿان موت جو کاڄ بڻيل گهوٽ؟

لکندڙ  گلشن چانڊيو          

پيرڳوٺ خيرپورميرس ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو برپا ٿيو آھي جنهن سبب علائقي۾ سوڳ ڇانيل آھي نه صرف علائقي جي اندر المناڪ سانحي سبب ماڻھن ۾ بيچيني آھي پر هِنَ خبر انسانيت جو درد رکندڙ هر انسان جي جيءَ کي جهوري وڌو آھي ته پوليس گهوٽ اياز ڦلپوٽو ۽ ڪنوار صائمه ڦلپوٽو کي 27 جنوري تي نڪاح ٿيڻ کانپوءِ گرفتار ڪري حراست ۾ ورتو ويو  ته گهوٽ ۽ ڪنوار نابالغ هئا جنهن سبب پوليس جوڙي کي حراست ۾ ورتو ۽ والدين کي پڻ گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو ويو ۽ چائلڊ ميرج ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.ڏٺو وڃي ته ننڍي عمر جون شاديون غيرقانوني ۽ غير آئيني عمل پڻ آھي جنهن لاءِ قانون ساز ادارن قانون جوڙيا آھن، سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ مان چائلڊ ميرج ايڪٽ 2019 پاس ڪيو ويو آھي جنهن ۾ اهو واضح ڪيو ويو آھي ته 18 سالن کان گهٽ عمر وارن نوجوانن کي قانون موجب سزا ۽ ڏنڊ لاڳو ٿيندو تنهڪري شادي جي عمر مرد ۽ عورت  لاءِ  گهٽ ۾ گهٽ 18 سال هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ سان عورت ۽ مرد جي گروٿ رڪجي وڃي ٿي ۽ هو ٻاراڻي عمر ۾ ھوندا آھن جنهن سبب انهن جي ذھني سطح به هيٺين ليول جي هوندي آھي ۽ ننڍي عمر ۾ شادي ڪندڙ عورتن جي زندگي عذاب بڻجي وڃي ٿي ۽ مائرون ٻارجي پرورش به صحيح نه ڪري سگهنديون آھن جڏهن ته اڪثر اسانجي ڄٽڪي سماج ۽ دَقيانوسي روايتن موجب ٻارن جون شاديون ڪرايون وينديون آھن جن کي ڏسي تَعجُب ٿيندو آھي ۽ اسانجي ڳوٺاڻي ماحول ۾ اڪثر ننڍي عمر وارن ٻارن جون شاديون ڪرايون وينديون آھن جنهن جو بنيادي سبب تعليم جو فقدان ۽ اڻ پڙھيل ماڻھن جي ڄٽڪي سوچ آھي ته ڇوڪري ۽ ڇوڪرو بالغ ٿين ته انهن جي شادي ڪرائي ڇڏجي ۽ ٻيو وڏو الميو اِهو به آھي ته ڳوٺاڻي سماج ۾ ننڍڙا ٻار ڄمڻ شرط هڪ ٻئي جي نالي ڪيا ويندا آھن جنهن سان اسانجي نسل جون زندگيون برباد ٿيو وڃن نتيجن ايئن به ٿيندو آھي ته جڏهن ڇوڪرو شهري سماج ۾ رهندو آھي ۽ تعليم پرائيندو آھي ۽ انهي جي مڱيندي اڻ پڙهيل هوندي آھي ۽ انهن سوچن ۽ خيالن هم آهنگي نه هوندي آھي جنهن سبب والدين غيرت جو سبب ڄاڻائيندي زبردستي پرڻائي ڇڏيندا آھن يا ته اُهي رشتا ٽٽي ويندا آھن. چوندا آھن ته زور جي ميندي لڳندي ناهي جيڪڏهن لڳندي آھي ته رنگ نه ڪندي آھي اهڙي ريت ڳوٺاڻي سماج ۾ ننڍي عمر جون شاديون معمول بڻيل هونديون آھن جڏهن ته ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ تي قانوني طور چائلڊ ميرج ايڪٽ تحت سزائون منتخب ڪيون ويون آھن پر انهي تي عمل درآمد ڪرائڻ جا طريقا قانوني طرح اختيار نٿا ڪيا وڃن ، پوليس پنهنجي ڪاروائي پاڻ ڪري ڇڏي ٿي جيڪا قانون سان هٿ چراند ۽ ناانصافي آھي، قانون هٿ ۾ کنيو وڃي ٿو.خيرپور پوليس گرفتار گهوٽ ۽ ڪنوار کي ذھني طور حراسان ڪيو ۽ مختلف قسم جا جسماني ۽  ذھني ٽارچر ڏنا ويا جنهن سبب گهوٽ اياز کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا ۽ گهوٽ پوليس حراست ۾ فوت ٿي ويو جنهن جي قتل جي ايف آءِ آر ڪنهن تي داخل ڪرائجي؟ ڪنهن کي دانهن ڏجي؟ ڇا پوليس کي ڪنهن شڪايت ڪئي هئي ته هي نابالغ  آھن؟ پوليس ڪهڙي جاچ ڪرائي ۽ ڪهڙي اداري جي رپورٽ تي اهڙي قسم جو جواز ڄاڻايو ته هي نابالغ آھن جڏهن گهوٽ ۽ ڪنوار ٻنهي ڌرين کي ڪنهن به قسم جو اعتراض نه هيو ته پوليس ڪنهن جي چوڻ تي پَرائي ڪاڄ ۾ ڪاهي پئي ۽ انهن کي بلاجواز ڪارروائي ڪرڻ جو حق ڪنهن ڏنو آھي جيڪڏهن پوليس گهوٽ ، ڪنوار ۽ والدين کي حراست ۾ ورتو ته انهن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ڪيس ڪورٽ جي حوالي ڪن ها ۽ ججن کي اختيار آهي ته هو انهي جوڙي جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪن ها ۽ ميرج ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي سزا مقرر ڪري ها ۽ ڪورٽ ثبوتن، قانون ۽ آئين کي نظر ۾ رکندي سزا منتخب ڪندي آهي پر هتي پوليس قانوني ڪاروائي ڪرڻ کان اڳ ۾ تشدد جو نشانو بڻائي ٿي نتيجن ماڻھو پوليس ٽارچر سبب گهڻو ڪجهه ڀوڳين ٿا، گهوٽ اياز کي به رياستي قانون جي رکوالن ذھني اذيتن ۽ ٽارچرن ۾ ماري ڇڏيو جيڪا قانون سان مذاق آھي ۽ اهڙي ذھني تشدد ۽ ٽارچر جي ملڪ جو ڪو به جوڙيل قانون اجازت نٿو ڏئي ته پوليس کي ڪهڙو اختيار آھي ته ڪنهن ماڻھو تي تشدد ڪري ماري ڇڏين.جڏهن ته والدين جو چوڻ آھي ته پوليس اسان سان ظلم ڪيو آھي ۽ گهوٽ ڪنوار نابالغ نه هئا ۽ اهي بلڪل بالغ هئا جڏهن ته ڌريون کير کنڊ هيون ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جو اعتراض نه هو ته پوليس کي ڪهڙو حق ٿو پهچي ته گرفتار ڪري ذھني اذيتون ڏئي جنهن سبب هو موت جو کاڄ بڻجي وڃي. جنهن گهر ۾ خوشيون هيون ۽ امڙ پنهنجي پٽ ۽ ڀينرون پنهنجي ڀاءُ جي هٿڙن کي ميندي لائي  سهرا ۽ لاڏا ڳايا هوندا ۽ دل خوشي منجهان جهومندي رقص ڪندي هوندي ۽ خوشي جا ڪاڄ سجايا هوندا ۽ شادي جي پروگرام جون خوشيون انهن جي مرجهايل چھرن تي رونقون آنديون هونديون ۽  خوشي جا منظر ڏسڻ وٽان هوند آھن جڏهن والدين پنهنجي ٻچڙن جي جوان ٿيڻ کانپوءِ شادي ڪرائيندا آھن ۽ خوشي ڪندا آھن ته انهن جي دل باغ و بهار ٿي ويندي آھي ۽ خوشين جي موقعن تي مٽ مائٽ ۽ دل گُهرين دوستن کي پرچايو ويندو آھي ۽ رٺل چھرن تي مرڪون وکيرجي وينديون آھن ۽ هر ماڻھو پريشانين ۽ ڳڻتين جي باوجود ڪجهه لمحن لاءِ خوش ٿي ويندا آھن ۽ گهوٽ کي شادي جون مبارڪون ڏنيون وينديون آھن ۽ گهوٽ جي بابا کي ۽ امڙ کي مبارڪون ملنديون آھن ۽ اهي لمحا خوشي جا اڻ کٽ خزانا کڻي اڱڻ تي نروار ٿيندا آھن پر شايد ڪنهن جي گهوٽ کي نظر لڳي وئي ۽ خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون جڏهن گهوٽ ۽ ڪنوار کي انهي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو ته هو نابالغ آھن ۽ جوڙي کي 24 ڪلاڪ ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري ذھني اذيتن ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن سبب گهوٽ پوليس جي حراست ۾ مارجي ويو، قانون تي عمل ڪرائڻ کان اڳ ئي قانون جي رکوالن هٿان هڪ گلاب جو گل مرجهائجي ويو ۽ گهوٽ جنهن جي هٿن ۽ پيرن تي ميندي جي سجاوٽ سان هٿ ڳاڙها هئا ۽ موڙ ٻڌل هئا ته اهي خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون ۽ گهوٽ جي فوت ٿي وڃڻ تي گهر ۾ ڪهرام متل هيو، سوڳ وارو ماحول برپا ٿي ويو ۽ اها خبر سوشل ميڊيا ۽ سڄاڻ ڌرين ۾  باهه جيانجهر جهنگ ۾ پکڙجي وئي جنهن ويتر عالم انسانيت جي جيءَ کي جهوري وڌو ۽ پوليس جي وحشياڻي ۽ تشدد واري عمل کي وائکو ڪري ڇڏيو ۽ معاشري ۾ پوليس جي اهڙي قهري ڪاروائي پوليس جي لڪيل ڪردار کي نمايان ڪري ڇڏيو ته ڇا پوليس جي انهي وحشياڻي عمل جي ملڪي قانون اجازت ڏئي ٿو؟ پوليس ۾ اڄ ڪلهه تقريبن ايس ايس پي رينڪ جا ماڻھو ڪميشن پاس اچن ٿا ۽ انهن ۾  قابليت ۽ اهليت جو معيار به نظر اچي ٿو جيڪي قانون تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي سگهه به رکن ٿا ، پوليس ۾ ريفارمز آڻي سگهن ٿا ۽ پوليس کي قانون تي عمل ڪرائڻ جو پابند به ڪرائي سگهن ٿا پر پوء به انهن ۾  ڪاريون رڍون موجود آھن جيڪي قانون ۽ انساني قدرن کان ناواقف آھن ، پوليس جي عملدارن ۾ بداخلاقي ،ڇڙواڳي، گارگند ۽ تشدد وارا لاڙا گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌن ٿا جيڪا قانون جي تقدس جي پائمالي آھي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آھي جنهن  پوليس جي مورال کي ڌڪ رسايو آھي ۽ اهي چند بدمست هاٿي پنهنجي وردي جي آڙ ۾ انسانن سان بدتر سلوڪ ڪن ٿا جڏهن ته معاشري ۾ پوليس جو ڪردار ايئن هجڻ کپي ته هو اسان جي عزتن، عصمتن، جان ۽ مال جا رکوالا ۽ محافظ هجڻ گهرجن، معاشري ۾ ڏوهه پيدا ڪندڙ ۽ ڏوهه پيدا ڪرائيندڙن ۽ پاٿاريدارن کي قانون موجب سزائون ڏين کپن ته جيئن ڪرائيم ريٽ تي ضابطو اچي سگهي پر بدقسمتي سان ڏوهارين جي هڪ مافيا بڻجي چُڪي آھي جيڪي معاشري ۾ ڏوهه ڪرائي پوليس آفيسرن کي گوڏا کوڙائين ٿا ۽ رياستي قانون به انهن ڏوهارين آڏو مجبور، بيوس ۽ لاچار بڻيل نظر اچي ٿو نتيجن چوريون ڦريون، ڌاڙا ، ماڻھن جو اغوا ٿي وڃڻ ۽ ڀنگ عيوض واپس موٽڻ ۽ موٽائڻ ھتان جي روايت بڻجي چڪي آهي.ڇا پوليس جي سرپرستي ۾ جوا، هيروئن، چرس ، آفيم ، شراب ، مين پڙي ، گٽڪن ۽ ڪچي شراب جا گُتا، اسمگلنگ ۽ انساني حياتين سان کيڏڻ جهڙا ڌنڌا ۽ ڪاروبار پوليس جي سرپرستي ۾ نٿا هلن؟ ڇا پوليس منشيات جي روڪٿام تي ضابطو آڻي سگهي آهي ؟ ڇا پوليس اهڙين زندگين سان کيڏندڙ ۽ انساني حياتين ۽ نسلن کي تباهه ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري سگهي آهي ؟ جيڪڏهن ڪنهن کان موٽرسائيڪل ڦُرِ ٿي وڃي ٿي، چور دڪانن جا تالا ڀڃي دڪانن کي کاٽ هڻي قيمتي سامان چوري ڪن ٿا ، چور ۽ لوفر ڪنهن جي گهر ۾ گهڙي سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري وڃن ٿا ته ڇا پوليس متاثر ڌر سان وقت سر انصاف ڪيو آھي ؟ ڇا پوليس جي حد جي ايس ايڇ او اها خبر ناهي ته منهنجي علائقي م ڪهڙا ڏوهاري سرگرم آهن ۽ اهي چوري ڪري ڪيئن فرار ٿي وڃن ٿا ؟ جڏهن ته اهو چيو ويندو آھي ايس ايڇ او حد جو بادشاهه هوندو آھي جنهن کي ڪرمنل عنصرن جي خبر هوندي آھي ته منهنجي علائقي ۾ ڪهڙا ڏوهاري، پاٿاريدار آھن ۽ ڪهڙا ڏوهارين جا سهولتڪار آھن ؟ ڇا ڏوهاري پوليس کان وڌيڪ طاقتور هوندا آھن ؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ اُهي ڏوهه ڇو ٿا وڌن؟ ڪڏهن وحشي درندا معصوم نياڻين کي پنهنجي جنسي حوس جو نشانو بڻائي پنهنجي منهن تي دانگي ملين ٿا ۽ انهن معصوم نياڻين کي وحشيت ۽ درندگي ذريعي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏين ٿا ۽ پوليس اهڙن رهزنن ۽ راڪاسن کي ڇو نٿي گرفتار ڪري جيڪي سفاڪيت جو عمل ڪن ٿا ۽ اهي گروهه آھن جنهن تائين پوليس رسائي نٿي ڪري سگهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهڙن ماڻھن کي ڪنهن وڏيري يا بااثر جو هٿ هوندو آھي جنهن تي پوليس گوڏا کوڙيندي آھي ۽ پيرا غائب ٿي ويندا آھن پوليس خبر هوندي به لاچار ۽ بيوس بڻجي ويندي آھي جنهن سبب اهو ڪيس ڳجهارت بڻجي ويندو آھي جڏهن ته پوليس جو ڪم ونگار وهڻ نه هوندو آھي پر پوليس جڏهن بااثرن جي ونگار وهندي آھي ته پوءِ ايئن خون لُڙھي ويندا آھن. لاڙڪاڻي رحمت پور پوليس جو ڪارنامو ڪنهن کان به ڳجهو ناهي جتي پوليس جي مست هاٿي ايس ايڇ او هڪ معصوم ۽ مظلوم  نياڻي کي چوري الزام ۾ حراست ۾  ورتو ۽ ڪنهن پرائيويٽ جڳهه تي عورت کي باندي بڻائي ڇڏيو جنهن جي اجازت ڪو به قانون نٿو ڏئي پر پوليس جي اعليٰ اختيارين صرف وقتي طور سسپينڊ ڪيو جيڪا مظلوم نياڻي سان نا انصافي آھي ۽ پوليس جي اهڙن ڪارندن ئي ملڪ جي قانون کي هٿ ۾ کنيو آھي جيڪي پنهنجي اختيارن جوناجائز فائدو وٺندي پاڻ کي ملڪ جو والي وارث سمجهن ٿا ۽ پوليس جي ڪردار ۽ ساک کي وڃائڻ ۾ ڪا ڪَسَرَ نٿا ڇڏين جيڪي قانون پڙهن ٿا پر پرکن نٿا ۽ نه ئي قانون تي عمل ڪندي نظر اچن ٿا تنهڪري پوليس کي تربيت ۽ انساني قدرن جي ٽريننگ جي ضرورت آھي جيڪو هن سماج جواَلمِيَو رهيو آھي ته پوليس هميشه قانون کي نظرانداز ڪندي قانون کي هٿ ۾ کنيو آھي. جنهن ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو