پوليس جو وردي جي زور تي غريبن سان ظلم حسن ناز سومرو

ٻڌو آهي ته پوليس عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ جي ضامن هوندي آهي پر هتي سنڌ ۾ پوليس جا ڪرتوت به ڪجھ اونڌا آهن، هتي پوليس جا ظلم ۽ ستم ڪي لڪل ڪونه آهن هتان جي پوليس ڌاڙيلن جي ساٿاري بڻيل آهي، وڏيرن ۽ سردارن جي غلام بڻيل آهي هڪ غريب سان جيڪڏهن ڪو ماڻهو زيادتي ڪري ٿو ته اها پوليس ان غريب جو ساٿ هرگز نه ڏيندي پر اڃان به ان غريب کي دٻايو ويندو آهي جين هو ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍي، پوليس هڪ سردار يا وڏيري جي چوڻ تي غريبن کي هيسائي انهن کان مطلب جو ڪم ڪڍڻ کان پوءِ سڃاڻيندا به ڪونه آهن سو هتي سنڌ ۾ پوليس ۾ جيڪا ڀرتي ٿيندي آهي سا به سياسي بنيادن تي ڪئي ويندي آهي پوءِ هڪ سياسي طرح سان ڀرتي ٿيل پوليس اهلڪار ان سردار يا وڏيري اڳيان لور لور ڪندو وتتندو باقي ڪنهن غريب سان ڪو وڏيرو ظلم ڪري ته ڀلجان ڪري پر اهي پوليس وارا هميشه مردي دم تائين ان جا غلام رهندا آهن، ٻئي طرف پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ عام هڪ ماڻهو سياستدان توڙي سردار جي غلامي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ اهو سياسي طرح ڀرتي ٿيل پوليس اهلڪار نوڪري وٺڻ کان پوءِ غريب ماڻهو لاءِ موت جي برابر ٿي ويندو آهي سو جيڪو به غريب ان پوليس اهلڪار جي ور چڙهيو ته ان جا کنڌا به کڻي ڇڏيندو آهي اهڙي قسم جو هڪ واقعو ٽائون ڪميٽي مٺياڻي تعلقه نوشهرو فيروز ۾ پيش آيو جتي شيخ برادري سان تعلق رکندڙ غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جنهن ۾ نظام الدين شيخ ۽ صدام حسين شيخ جي گھرن تي هڪ ظالم پوليس اهلڪارن امتياز شيخ ۽ عمران شيخ سندن گھرن تي قبضو ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ مظلوم شيخ برادري سان تعلق رکندڙ غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي گھرن کان دربدر ڪيو ويو آهي سو نظام الدين شيخ نوشهرو فيروز ۽ حيدرآباد پريس ڪلبن آڏو احتجاج ڪيو ويو آهي پر افسوس جي ڳالھ آهي جو انهن کي ميڊيا به ڪوريج نه ڏني آهي ۽ نه وري پوليس جي ڪنهن اعليٰ اهلڪار ڪا مدد ڪئي آهي جنهن جي نتيجي پوليس اهلڪار امتياز شيخ ۽ عمران شيخ ڏينهون ڏينهن ظلم جا پهاڙ ڪيرائيندي انهن جي انبن جي ننڍڙي باغ جا سمورا وڻ پڻ وڍي ڇڏيا آهن ان کان علاوه انهن پوليس اهلڪارن نظام الدين شيخ ۽ صدام حسين شيخ جي مٿان ڪوڙي ايف آءِ به داخل ڪرائي ڇڏي آهي جنهن جي نتيجي ۾نظام الدين شيخ ۽ صدام حسين شيخ دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن.

مٺياڻي پوليس جا اهڙا ڪڌا ڪرتوت ڏسي نه فقط افسوس ٿي رهيو آهي پر انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جھڪي پوي ٿو ته هي اها پوليس آهي جيڪا اسان جي ٻچڙن جي ۽ اسان جي گھرن ۽ مال ملڪيتن جي حفاظت ڪندي آهي ۽ اها پوليس چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪندي غريبن جي گھرن ۾ گھڙي انهن کي گھرن کان بي گھر ڪري پاڻ کي ڦني خان ظاهر ڪري رهي آهي، اسان جي پوليس جي اعليٰ اهلڪارن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به پوليس جي اهلڪار ڪا غلط حرڪت ڪئي هجي ته ان رپورٽ بالا آفيسرن ڏانهن موڪلي وڃي پر افسوس جي ڳالھ به آهي نظام الدين شيخ ۽ صدام حسين شيخ ڪيتريون ئي درخواستون بالا آفيسرن ڏانهن موڪليون آهن پر هن مهل تائين ڪنهن به قسم جو تدارڪ نه ٿي سگھيو آهي.

ٽائون ڪميٽي مٺياڻي ۾ هنن پوليس اهلڪارن جو ڪو هي پهريون قبضو نه پر هي سالن کان ڪيترن ئي غريبن کي گھرن کان دربدر ڪري چڪا آهن ۽ هر غريب ماڻهو کي چڪر ۾ ڦاسائي انهن کي بليڪ ڪري انهن کان گھر ۽ زمينون ڦريندا رهندا آيا آهن ۽ اهڙي طريقي سان هنن نظام الدين شيخ کي به بليڪ ميل ڪري هن جي گھر تي قبضو ڪيو ويو آهي سو سنڌ ڌرتي جا اهي ناسور نما پوليس اهلڪار نه فقط نظام الدين شيخ لاءِ مصيبت بڻيل آهن پر اهي هر ان غريب لاءِ مصيبت بڻيل آهي جيڪي بي پهچ ۽ بي سهارا آهن.

مٺياڻي ۾ ٿيل اهي ظلم تي فقط افسوس ڪرڻ جي ضرورت نه آهي بلڪه انهن ظالم پوليس اهلڪارن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي سو ان لاءِ آءِ جي ڪراچي، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کي گذارش ڪجي ٿي ته هو ڪجھ گھڙيون مٺياڻي ۾ شيخ برادري سان تعلق رکندڙ انهن غريبن جي مدد لاءِ به ڪڍن جن سان امتياز شيخ ۽ عمران شيخ زيادتيون ڪري انهن جي گھرن تي قبضو ڪري انهن جي انبن جا وڻ به وڍي مٿن ڪوڙي ايف آءِ آر درج ڪرائي ڇڏي آهي ۽ هو دربدري واري زندگي گھاري رهيا آهن سو اهڙن نااهل اهلڪارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو