پوري ڪابينا ۽ ڪميٽي چور تصور ٿيندي ته پوءِ فيصلا ڪير ڪندو؟چيف جسٽس

پوري ڪابينا ۽ ڪميٽي چور تصور ٿيندي ته پوءِ فيصلا ڪير ڪندو؟چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيب قانون ۾ ترميم خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏنا آهن ته آمدني کان وڌيڪ اثاثا سموري دنيا ۾ ڏوهه سمجهيا ويندا آهن، عالمي معيار ۽ مقامي قانون کي نظر ۾ رکندي نيب قانون ۾ ترميمن جو جائزو وٺنداسين چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ايل اين جي معاهدي جون حقيقتون ڄاڻڻ بنا ئي ڪيس ٺاهيو ويو، ڪيترائي بيورو ڪريٽس جيل ڪاٽن بعد ريفرنس مان بري ٿي ويا ڪميٽيز ۽ ڪابينا ۾ فيصلا گڏيل ٿيندا آهن، گڏيل فيصلن تي ڇا سموري ڪابينا ۽ ڪميٽيز ميمبرز کي جوابدار تصور ڪيو ويندو، سموري ڪابينا يا ڪميٽي جوابدار تصور ٿيندي ته پوءِ فيصلا ڪير ڪندو؟ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن هر ڪم پارليامينٽ ڪندي ته پوءِ فيصلا سازي سست رفتاري جو شڪار ٿي ويندي

پهنجو تبصرو موڪليو