ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ تعليمي ادارا بند ڪنداسين، شفقت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا سخت حفاظتي انتظامن هيٺ کلي ويا. 6 مهينن کان بند پيل تعليمي ادارا پهرين کان طئي ڪيل ايس او پيز هيٺ ڪالج، يونيورسٽيز ۽ هاءِ اسڪول کوليا ويا آهن. ان موقعي تي خوشي جو اظهار ڪندي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چتاءُ ڏنو آهي ته ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ تعليمي ادارا بند ڪري ڇڏينداسين.

Screen shot Dawn

هن چيو ته جتي ڪورونا ڪيس وڌيا اهي ادارا به بند ڪبا. پاڪستان ۾ 26 فيبروري تي ڪورونا وائرس جو پهريون ڪيس سنڌ ۾ ظاهر ٿيو هو جنهن بعد مارچ ۾ تعليمي ادارا بند ڪيا ويا هئا.وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن تعليمي ادارا کلڻ تي ٻارن کي ڀليڪار ڪيو هو. سجاول، ٺٽو، نوابشاهه ۽ ڪجهه ٻين علائقن جي ڪجهه تعليمي ادارن جي ميدان ۽ رستن تي پاڻي بيٺل آهي. مختلف تعليمي ادارن ۾ واڪ ٿرو گيٽ هڻي سينيٽائيزر به رکيا ويا آهن، شاگردن تي ماسڪ پائڻ لازمي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو