پهلگام واقعي کانپوءِ ڪشميرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي، عمر فاروق

پهلگام واقعي کانپوءِ ڪشميرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي، عمر فاروق

سري نگر (ويب ڊيسڪ)حريت اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق چيو آهي ته پهلگام واقعي کان پوءِ پيش ايندڙ واقعا ظاهر ڪن ٿا ته ڪشميري عوام کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا.هن چيو ته پهلگام واقعي جي مذمت ڪرڻ جي باوجود، ڪشميري عوام کي ان جو نشانو بڻايو پيو وڃي.مير واعظ چيو ته الطاف لالي ۽ غلام رسول جي موت کي انهن جي خاندانن پاران ماورائي عدالت قتل قرار ڏنو ويو.هن چيو ته الطاف لالي ۽ غلام رسول جي موت جي غير جانبدار جاچ ڪئي وڃي.حريت اڳواڻ چيو ته هزارين ڪشميرين کي ڀارتي فوج حراست ۾ ورتو ۽ سوين گهر ڊاهي ڇڏيا.مير واعظ عمر فاروق وڌيڪ چيو ته ڪيترائي ڪشميري خاندان بي گھر ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو