پهرين ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي تقريب

پهرين ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي تقريب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي پهرين ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي گرائونڊ جي تقريب ايڪسپو سينٽر ۾ آئيڊياز 2024 دوران ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سامونڊي فوج جي سربراهه منصوبي جي تاريخي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ ميري ٽائيم سائنسز، ٽيڪنالاجي، ڪاروبار ۽ صنعت جي شعبي ۾ ترقي جو رستو ٺاهيندو. سندس چوڻ هو ته هي اهم اڳڀرائي پاڪستان جي جي ڊي پي ۽ سامونڊي شعبي جي ترقي لاءِ نوان رستا کوليندي. چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پي ايم ايس ٽي پي جي ڪاميابي بصيرت رکندڙ شخصيتن ۽ تنظيمن سان قائم ڪيل پارٽنرشپ جو ثبوت آهي

پهنجو تبصرو موڪليو