لاهور: (ويب ڊيسڪ) زمينن تي قبضن خلاف “پنجاب پراپرٽي اونرشپ ترميمي ايڪٽ” فعال ٿي ويو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس عاليه نيلم پنجاب جي 36 ضلعن ۾ ايڊيشنل سيشن ججز کي ٽربيونل مقرر ڪري لسٽ پنجاب حڪومت کي موڪلي ڏني آهي، جڏهن ته گڏيل طور تي 575 ڪيسن ۾ جاري ڪيل اسٽي آرڊر (حڪمِ امتناعي) ختم ڪندي سڀئي ڪيس ٽربيونلن ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس عاليه نيلم پنجاب پراپرٽي ترميمي ايڪٽ تحت 36 ايڊيشنل سيشن ججز کي بطور ٽربيونل نامزد ڪيو آهي. لاهور ۾ ايڊيشنل سيشن جج سيف الله سوهل، قصور ۾ محمد اشفاق، اٽڪ ۾ نديم احمد سهيل چيما، بهاولنگر ۾ محمد صلابت جاويد، بهاولپور ۾ ساحر اسلام، بهڪر ۾ محمد اعظم جاويد، چنيوٽ ۾ نعيم عباس، چڪوال ۾ قاسم علي بهٽي، ڊيرا غازي خان ۾ سرفراز حسين، فيصل آباد ۾ عمران شفيع خان، گوجرانوالا ۾ محمد فرحان نبي، گجرات ۾ مظفر نواز ملڪ، حافظ آباد ۾ عمر رشيد، جھنگ ۾ عمر فاروق خان، جهلم ۾ مرزا اورنگزيب، خانيوال ۾ عبدالله عثمان، خوشاب ۾ محمد بشير، لودهران ۾ حمد اياز.ليه ۾ محمد پرويز نواز، منڊي بهاؤالدين ۾ محمد فخر آفتاب احمد، ميانوالي ۾ عبدالغفور، ملتان ۾ غزالہ ياسمين، مظفر ڳڙهه ۾ محمد احمد حسنين خان، نارووال ۾ عالم شير، ننڪانه صاحب ۾ مجاهد شير دل چيما، اوڪاڙا ۾ خليل احمد خان، پاڪپتن ۾ اسد حفيظ، راولپنڊي ۾ چوڌري قاسم جاويد، راجن پور ۾ محمد اشرف، رحيم يار خان ۾ محمد بلال، ساهيوال ۾ محمد نعيم، سيلڪوٽ ۾ عابد رضا خان، شيخوپورا ۾ عبدالحميد، سرگوڌا ۾ ظفر حيات، ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ محمد ڪاشف ۽ وهاڙي ۾ محمد عمران پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا. ڊپٽي ڪمشنرن (DCs) جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي زمينن تي قبضن خلاف سفارشون تيار ڪري ٽربيونلن ڏانهن موڪلي ڇڏيون آهن. ٽربيونلن کي اهو اختيار هوندو ته هو پوليس جي ذريعي قبضا ختم ڪرائين ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي 3 کان 10 سالن تائين قيد ۽ لکن رپين جي جُرماني جي سزا ڏئي سگهن. جيڪڏهن ڪو ڪيس ڪنهن ٻي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هوندو، ته ٻنهي ڌرين مان ڪو به هڪ ڌر درخواست ڏئي ان کي ڊي سي جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي ڏانهن منتقل ڪرڻ جي استدعا ڪري سگهي ٿي، تنهن هوندي به آخري فيصلو عدالت جو ئي هوندو. ان کان اڳ، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس عاليه نيلم پنجاب پراپرٽي اونرشپ ايڪٽ جي مبينا غلط استعمال تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو هو. جنهن کانپوءِ پنجاب حڪومت قانون ۾ ترميم ڪئي، ۽ هاڻ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ سڀئي اسٽي آرڊر ختم ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه، ايڊيشنل سيشن ججز ٽربيونلن ۾ پنهنجا فرض نڀائيندا، جنهن جي فهرست پنجاب حڪومت کي موڪلي وئي آهي. اسٽي آرڊر ختم ٿيڻ کانپوءِ 575 ڪيس ٽربيونلن کي موڪليا ويا آهن. ٽربيونلن کي پوليس جي مدد سان قبضا ختم ڪرائڻ، ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي 3 کان 10 سال قيد سان گڏ لکن رپين جي جرماني جي سزا ڏيڻ جا مڪمل اختيار ڏنا ويا آهن.










