پنجاب جي ماتحت عدالتن ۾ وڪيلن جي عارضي هڙتال

پنجاب جي ماتحت عدالتن ۾ وڪيلن جي عارضي هڙتال

لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور سميت پنجاب جي ماتحت عدالتن ۾ وڪيل اڄ جزوي هڙتال ڪري رهيا آهن، پنجاب بار ڪائونسل پاران وهاڙي ۾ مقامي وڪيل جي پوليس هٿان قتل جي خلاف احتجاج جو اعلان ڪرڻ کان پوءِ هڙتال ڪئي پئي وڃي،پنجاب بار ڪائونسل جي چيئرمين ايگزيڪيوٽو ذبيح الله ناگرا صوبي جي عدالتن ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو آهي ۽ وڪيلن کي اپيل ڪئي آهي ته اڄ ماتحت عدالتن ۾ پيش نه ٿين،پنجاب بار ڪائونسل چيو آهي ته وڪيل محمد ذيشان پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي، جنهن جي سخت مذمت ڪئي وڃي ٿي. بار ڪائونسل مطالبو ڪري ٿي ته واقعي ۾ ملوث اهلڪارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي،پنجاب بار ڪائونسل واضح ڪيو آهي ته احتجاج جو منصوبو ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو