پنجاب اسيمبلي ۾ ميڊيا جي داخلا تي پابندي لاڳو

پنجاب اسيمبلي ۾ ميڊيا جي داخلا تي پابندي لاڳو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب اسيمبلي ۾ ميڊيا جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي.ميڊيا رپورٽس موجب پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ طرفان وڏي وزير جي اميدوار چوڌري پرويز الاهي جي هدايت تي ميڊيا کي پنجاب اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو آهي. اسيمبلي جي سڪيورٽي عملي جو چوڻ هو ته اسپيڪر جي هدايت تي ميڊيا اسيمبلي ۾ داخل نه ٿي سگهي.سڪيورٽي عملدارن موجب اسيمبلي سيڪريٽريٽ اندر پوليس جي وڏي نفري کي مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو