اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن احتجاج ڪيو ۽ شور ڪيو،فوزيه ارشد پلوشه خان کي پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪرڻ تي اعتراض ڪندي چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته ڊپٽي چيئرمين ايوان ۾ ويٺو آهي ۽ پلوشا خان صدارت ڪري رهي آهي.ان موقعي تي پي ٽي آءِ سينيٽر شبلي فراز چيو ته ايوان کي مذاق نه بڻايو وڃي، ڊپٽي چيئرمين ايوان ۾ هجي ۽ پرزائيڊنگ آفيسر صدارت ڪري.ان دوران شبلي فراز ۽ پلوشا خان وچ ۾ تلخ جملن جي ڏي وٺ ٿي.پلوشا خان چيو ته ڊپٽي چيئرمين چيئرمين شپ سنڀالڻ کانپوءِ ايوان ۾ آيو، چيئرمين جو حق آهي ته هو جنهن کي چاهي چيئرمين شپ ڏئي، مان هن غنڊه گردي سان متفق ناهيان، غنڊه گردي نه ٿي هلي سگهي.ان دوران ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سيدال خان ايوان مان روانو ٿي ويو.شبلي فراز چيو ته رڪارڊنگ ڪڍي ڏسو ته هو ايوان ۾ هو، مون سان اوچي آواز ۾ نه ڳالهايو، ن ليگ پنهنجي ئي ڊپٽي چيئرمين کي ايوان مان ٻاهر موڪلڻ شرم جي ڳالهه آهي.پلوشا خان چيو ته ايوان غنڊا گردي ۽ ڌانڌلي تي نه هلندو، توهان جي بدتميزي ڪري هتان نه هٽندس،ايوان ۾ فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڪنهن به ضابطي جي ڀڃڪڙي ناهي، چيئرمين کي اختيار آهي ته ڪنهن کي پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪري.شبلي فراز چيو ته ڊپٽي چيئرمين جي موجودگي ۾ ڪنهن ٻئي جو اجلاس جي صدارت ڪرڻ غلط آهي.ان موقعي تي ناصر بٽ چيو ته سينيٽ سيڪريٽري ٻڌائي ته اهڙن بدمعاش ماڻهن کي ڪيئن منهن ڏيڻو پوي ٿو.مخالف ڌر جي ميمبرن ايوان ۾ سخت احتجاج ڪيو ۽ ”چور چور“ جا نعرا هنيا.طلال چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ جو شڪر گذار آهيان، جن ن ليگ جي ڊپٽي چيئرمين سان ايتري محبت ڪئي آهي، انهن کي رڳو گيلريءَ تائين کيڏڻو آهي. جنهن بعد پرزائيڊنگ آفيسر اجلاس سومر جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.










