پرچون فروشن کي ٽيڪس نيٽ ۾ اچڻو پوندو، دٻاءُ ۾ نه اينداسين

پرچون فروشن کي ٽيڪس نيٽ ۾ اچڻو پوندو، دٻاءُ ۾ نه اينداسين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل چيو آهي ته حڪومت واپارين جي دٻاءُ ۾ نه ايندي، پرچون فروش کي هر صورت ۾ ٽيڪس نيٽ ۾ اچڻو پوندو.جڏهن ته هاڻي وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڳالهين کان نه ڀڄنداسين پر واپارين جي دٻاءَ ۾ نه اينداسين.راڻا احسان افضل چيو ته جيڪڏهن واپارين کي لڳي ٿو ته اسان غلط ڪري رهيا آهيون ته پوءِ هو ٻيهر ويهي سگهن ٿا.وزيراعظم کي ايف بي آر کي ري سٽرڪچر ڪرڻو آهي، پرچون شعبي کي ٽيڪس نيٽ ۾ اچڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو