پريا ڪماري جو اغوا

حسين آزاد
پريا ڪماري معصوم آھي هن ته ڪو به آسماني خدا جي ڌرتي تي ايڏو وڏو ڏوھ نه ڪيو آھي جو آسماني خدا کيس ڪنهن خون خوار باز موڪلي مٿي پنهنجي عدالت ۾ کڻائي ورتو هجي، نه زمين کي حڪم ڪيو هوندائي ته پريا کي ڳيهي وڄ ۔ هن کي ته خدائي عدالت گناهن ۽ غلطين کان پاڪ ڪيو آھي ڇاڪاڻ ته هوء معصوم آھي معصوميت پاڪ پاڻي جيان پويتر آھي ۔ هوء ستن سالن جي عمر ۾ ئي ڪنهن ارڙ نانگ جي ور چڙھي ويئي آھي پر سوچجي ته ان معصوم مان ان ارڙ نانگ جو نه پيٽ ڀربو ، نه ان ڪا زر حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس ، هوء ٽن سالن کان سانوڻ جي مند جي نانگ جي وات ۾ معصوم ڏيڏري جيان ورتل آھي ۽ سندس پساھ کي بچائڻ جون معصوم ۽ بي وس دانهون سرڪار جي صدارت جي ڪرسي تي ويٺل سنڌ ڄائي سردار يا اسيمبلي ۾ چور دروازي کان چونڊيل ميمبرن جي چپن تي ڀلي ان جي معصوميت جي احساس جي مهر لڳل هجي پر پريا جي امڙ جي ممتائي حس ان معصوم نياڻي جي بي حسي نگهائن جي جهلڪ پسڻ کان هڪ پل به اوجهيل نه رهي آھي ، سندس اکين مان وهندڙ نير ۽ پريا جي پيار جون ڇوليون هڻندڙ دريائي دل ۾ اهڙي طوفان جي عڪاسي ڪري پيو جنهن ۾ نه ٻڏي سگهي ٿي نه تري ڪنهن ڪناري جي ڪنڌي تي بيٺل ڪچڙي گاھ ۾ هٿ وجهي وجود جي بچاء جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي ، پريا جي اغوا ۽ ٽن سالن جي عوام جي ھيڏي آواز کان پوء به پتو نه پوڻ هڪ طبقاتي معاشري ۾ انهن سڀني پريا جي امڙين جو دامن جهوري ڇڏيو آھي ،جيڪي امڙيون انسانيت جي حيثيت ۾ خدا طرف منهن ڪندي ان شڪايت جي بجانب حقدار بنجي رهيو آھن ته اي خدا شيطان سوچي سمجهي آدم کي سجيدي ڪرڻ تي تنهنجي نا فرماني ڪئي هوندي ۔ پريا جي امڙ نافرمان شيطان جي شر کي ڏوھ ڏيئڻ تي ويساھ نٿي رکي پر هوء انهي طبقاتي سماج ۾ سمايل سردارن ، سيٺين ۽ وڏيرن جي هٿرادي هٿڪنڊن تي دانهيدي چوي ٿي ، ڇا آئون سنڌ ڌرتي جي ڄائي نه آھيان ؟ ڇا آئون غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيل واڄاڻي آھيان جنهنڪري منهنجي پريا تي رياست جو ڪو ڌيان نٿو ڌرجي ۔هوء چوي ٿي جيڪڏهن ڪنهن سردار پير مير جي پريا هجي ها ته سرڪار زمين به ڦاڙي پريا کي آزاد ڪيو وڃي ها ۔ پريا جي امڙ کي ته اسرائيل ۽ فلسطين جي جنگ به آٿت نٿي ڏئي جنهن ۾ هوء اهيو سمجهي سهمت ڪري ها ته ڪنهن بارودي گولي جي ور چڙھي شھادت جو جام پيتو هوندائي پر هوء امڪان جي اهڙي وادي ۾ ڦاٿل آھي جو کيس رڳو امڪاني منجھ جا اوڪارا نصيب ٿيل آھن ۔ هوء سمنڊ جي اهڙين لهرن جي ور چڙھيل آھي جتي رڳو پريا جي پيار جي يادن جا منگر مڇ ڏنگي رهيا آھن هو نه مري سگهي ٿي نه جي سگهي ٿي۔ هو ڌرتي تي ويٺل خدائن کي ٻڏائي ٿي پر ان ٻڏتر جو شڪار ٿيل آھي ته متان منهنجي پريا نمرودي خدائن جي انائن جو شڪار ٿي ڪٿي ساھ جو سڳو نه ٽٽي پويس ۔ سوشل ميڊيا جي اسڪرين تان پريا جي امڙ جي سسڪين مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته پريا جي امڙ جي لطيف جي ڪردار جو هو به ھوء حقيقت آھي جنهن ۾ لطيف چئي ٿو
الست بي ربيڪم جڏهن ڪن پيوم ”
قالوبلا قلب سي تت چيوم
“تنهن وير ڪيم ، وچن ويڙھيچن سي
هوء پنهنجي شھر سنگرار جي ڪنهن سنگ دل بدنيت نظر جي ڪوڙڪي ۾ ڦسڻ جي بچاء لاء مذاحمت جي راھ ورتي هئي ۔ ۽ ان جي ڀوڳنا پريا بڻجي رهي آھي ۔ انسان جي بي وس سسڪين ۾ جڏهن شانتي ايندي آھي تڏهن هو ڪنهن سمجهوتي ڏانهن لاڙو رکندڙ محسوس ٿيندو آھي پر پريا جي آزادي لاء سسڪين جو هوا ۾ رخ آھي ۽ ڪٿي به دنگ نٿي ڪري هن جي اڏام سنڌ کان پرتي دنيا جي فضا جو سرحدن کان ڪراس ڪري چڪي آھي پر الميو اهيو آھي سنڌ سرڪار جي بيچن تي ويٺل ڪنهن به ان هوا ۾ هليل آواز جي همٿ افزائي نه ڪئي ۽ ڪنهن به مذمت نه ڪئي اسيمبلي جا اجلاس هلندا رهندا ۽ پريا جي آزادي جا جلسا روڊن رستن جي زينت بڻبا رهيا آھن پر پريا جي آزادي جو ڪو پڙاڏو ٿئي اهو خبر نه آھي ته ڪڏهن ڪنن تي پوندو جنهن جي پريا جي امڙ وينا ڪماري سان گڏ پوري سنڌ جا ڪن بي چين بڻيل آھن ۔

پهنجو تبصرو موڪليو