ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پروين رحمان قتل ڪيس جي جوابدارن جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ پروين رحمان قتل ڪيس ۾ جوابدارن رحيم سواتي، امجد حسين، اياز سواتي ۽ احمد حسين جي سزان خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ملتوي ڪندي جوابدارن جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته پروين رحمان قتل ڪيس جا جوابدار جيڪڏهن ٻين ڪيسن ۾ گهربل نه آهن ته کين آزاد ڪيو وڃي.اورنگي پائلٽ پروجيڪٽ جي سربراهه پروين رحمان کي 2013ع ۾ قتل ڪيو ويو هو ۽ ان ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي ڊسمبر 2021ع ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت 2.2 عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي.










