لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ محمد خان ڀٽي جي هڪ ڏينهن جي حاضري معافي جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.لاهور جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ پنجاب اسيمبلي ۾ غير قانوني ڀرتين جي ڪيس ۾ چوڌري پرويز الاهي ۽ ٻين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ڪيس جي ٻڌڻي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي جج جاويد اقبال وڙائچ ڪئي.عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ محمد خان ڀٽي جي هڪ ڏينهن جي حاضري معافي جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ مستقل حاضري معافي جي درخواست تي دليل طلب ڪيا. ان کان علاوه، عدالت شريڪ ملزم مختار رانجھا ايڊووڪيٽ جي بريت جي درخواست تي دليل پڻ طلب ڪيا.عدالت ٻڌڻي 31 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل تنوير ڪاميانا اينٽي ڪرپشن پاران پيش ٿيا، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن جوابدارن خلاف چالان جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.










