لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي مرڪزي صدر چوڌري پرويز الاهي کي اڊيالا جيل راولپنڊي مان اينٽي ڪرپشن هيڊڪوارٽر لاهور منتقل ڪيو ويو، کيس جسماني رمانڊ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.اينٽي ڪرپشن ٽيم اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ملڪ نويد جي اڳواڻي ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي لاهور پهچايو.ايڊيشنل سيشن جي فيصلي موجب پرويز الاهي کي ٽرانزٽ ريمانڊ تي لاهور آندو ويو آهي.پرويز الاهي خلاف اينٽي ڪرپشن ريجن اي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پنجاب اسيمبلي ۾ غير قانوني ڀرتين جي ڪيس جي جاچ ڪئي ويندي. اڳوڻي وڏي وزير کي جسماني رمانڊ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.










