ميرپورخاص (ن سنڌيار)کاڻ روڊ تان ڪار مان نوجوان جو لاش ھٿ آيو آهي، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ ڳوٺ اسماعيل راڄڙ واسي زميندار عبدالرحيم راڄڙ طور ٿي آھي ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول جي وارثن به قتل جو شڪ ظاهر ڪندي پوليس کان جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.










