9 هزار کان مٿي استادن جون ڀرتيون ڪيون وينديون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي تعليم کاتي ۾ استادن جي 14هزار خالي جاين تي ڀرتيون ڪرڻ جي تياري مڪمل، تعليم کاتي جي اختيارين چيو آهي ته پرائمري ٽيچر جي 9 هزار 315 خالي جاين تي ڀرتيون ڪيون وينديون تعليم کاتي طرفان 4 هزار 725 جونيئر اسڪول ٽيچرز جي خالي جاين تي به ڀرتيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي سمورن ضلعن جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرز لسٽ تيار ڪري ورتي، ڪراچي ۾ پرائمري ٽيچرز جي 4 هزار 295 خالي جاين تي ڀرتيون ڪيون وينديون، ڪراچي ۾ هڪ هزار 260 جونيئر ٽيچرز کي ڀرتي ڪيو ويندو حيدرآباد ۾ 2 هزار 731 پرائمري ٽيچرز ۽ 2 هزار 731 جونيئر اسڪول ٽيچرز جي خالي جاين تي ڀرتيون ڪيون وينديون لاڙڪاڻي ۾ پرائمري سائيڊ تي هڪ هزار 74 ۽ 503 جونيئر ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي سکر ۾ هڪ هزار 215 پرائمري ۽ 231 جونيئر ٽيچرز ڀرتي ٿيندا، ڀرتي ٿيندڙ سمورا اميدوار ويٽنگ تي آهن 2021ع ۾ اميدوارن ميرٽ تي ٽيسٽ پاس ڪئي هئي، نگران حڪومت ويٽنگ تي موجود اميدوارن جي ڀرتين تي پابندي لاڳو ڪئي هئي

پهنجو تبصرو موڪليو