پاڻي نه نڪتو،ڳوٺاڻن جو انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن خلاف احتجاج

پاڻي نه نڪتو،ڳوٺاڻن جو انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن خلاف احتجاج

ٺڪراٺو ( ن س) يوسي روپهر جي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو ڳوٺ يار محمد ۽ سومر ملڪ جي ڳوٺاڻن جو چونڊيل نمائندن ۽ تعلقه انتظاميا جي بي ڌياني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ڳوٺاڻن الهوڌايو ، حبيب الله ، ڍارو ، خان محمد ، دين محمد ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ، چونڊيل نمائندن توڙي تعلقه انتظاميا پاران سار نه لهڻ خلاف معصوم ٻارن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ڳوٺاڻن الزام هڻندي چيو ته گذريل برساتن کان وٺي هن مهل تائين چونڊيل نمائندن ايم اين اي خورشيدشاھ ۽ ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو توڙي تعلقه ايڊمنسٽيٽر عبدالله جهلڻ پاران ڪا به سار ناهي لڌي اسان جي ڳوٺن جا ويهن کان مٿي ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن ، ڦٽين جو فصل پاڻي هيٺ اچي تباھ ٿي ويو ، چوپايو مال مري ويو چونڊيل نمائندن توڙي سکر ضلعي انتظاميه جي ڪامورن مان وٽن ڪو بہ لڙي نہ آيو متاثر ڳوٺاڻان ھن مهل تائين بي يارو مددگار بڻيل آهن پر هن مهل تائين چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميا پاران نه ئي ڳوٺن ۾ بيٺل پاڻي ڪڍرائڻ لاء ڪي اپاء ورتا ويا آهن ، زرعي زمينن ۾ ھن مهل تائين گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آھي ڪڻڪ جو فصل ڪئين پوکي سگھنداسين پاڻي ڪڍائڻ لاء پنوعاقل جي تعلقه ايڊمنسٽريٽر عبداللہ جھلڻ جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون پر ھو ملڻ لاء تيار ناھي عدالت جي حڪمن باوجود اسان جي گھرن توڙي زمينن مان پاڻي نيڪال نٿو ڪرايو وڃي سندن جو وڌيڪ چوڻ آھي تہ ڪجھ عرصو اڳ مسلسل ھلندر برساتن دوران گھر اجھا ۽ فصل لڙھي ويا چوپايو مال بہ بيمارين جي ور چڙھي مري ويو آھي ڪيتري عرصي کان فاقاڪشي واري حالت ۾ آھيون تڪ جي چونڊيل نمائيندن توڙي سکر جي ضلعي انتظاميہ مان ڪو بہ لڙي ناھي آيو ، مظاهرين وزير اعلي سنڌ ، چونڊيل نمائندن ، ڊپٽي ڪمشنر سکر ۽ ٻين وس وارن کان اپيل ڪئي ته انهن جي ڳوٺن ۽ زمينن ۾ بيٺل برساتي پاڻي جي نيڪاسي جو فوري طور بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن هو وقت سر ربيع جو فصل ڪڻڪ پوکائي ڪري سگهن ۽ ٿيل نقصان جو الزالو ڪري مالي سھائتا ڪئي وڃي گهرن جي پڻ مرمت ڪرائڻ ۾ مدد جي اپيل ڪري ڇڏي __

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو