پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻو، خاطري بعد ختم

پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻو، خاطري بعد ختم

نئون ڪوٽ (رپورٽ پيارعلي نھڙيو )نئون ڪوٽ جي 22 ميل موري تي پاڻي جي کوٽ خلاف رڻ شاخ جي آبادگارن پاران ايريگيشن آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن عثمان هالو، عبدالغني وهنداڻي، ربنواز نھڙيو رمضان لنڊ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ايريگيشن عملي پاران پاڻي هٿ سان بند ڪيو ويو آهي ڏيڍ مھيني کان رڻ شاخ ۾ پاڻي نه پيو ڇڏيو وڃي گذريل سال اسانجو فصل ٻوڏ جي ڪري مڪمل تباھ ٿي ويو هو هن سال اسان قرض کڻي فصل پوکيو هو جيڪو به پاڻي نه اچڻ ڪري  سڪي تباھ ٿي رهيو آهي پاڻي نه هئڻ ڪري آبادگار بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن هنن وزيراعلي سنڌ سميت اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري اسان جو فصل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي هوڏانهن ڌرڻي واري هنڌ آبپاشي عملي پهچي پاڻي ڏيڻ جي يقين ڌياني ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو